281

طاقت سان جلسو روڪيو ويو ته ڪارڪنن کي به ڏنڊا کڻڻ جي اجازت هوندي: مولانا فضل الرحمان

ملتان (ويب ڊيسڪ)جي يو آءِ (ف) جي سربراهه ۽ مخالف ڌر اتحاد پي ڊي ايم جي اڳواڻ مولانا فضل الرحمان جو چوڻ آهي ته اسان کي جلسي کان روڪڻ لاءِ ڪير ڏنڊا استعمال ڪندو ته ڪارڪنن کي به ڏنڊا کڻڻ جي اجازت هوندي. ملتان ۾ پيپلز پارٽي اڳواڻ يوسف رضا گيلاني سان گڏجي صحافين سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان جو چوڻ آهي ته حڪومت روزگار کسي ورتو، گهر کسي ورتا، واپار ي روئي رهيا آهن، پي ڊي ايم طرفان پوري ملڪ ۾ عوامي جلسن جو سلسلو جاري آهي، ملتان انتظاميا پاران جلسو روڪڻ لاءِ هٿڪنڊا استعمال ڪيا پيا وڃن، سمورين پارٽين جي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي. مولانا فضل الرحمان جو چوڻ آهي ته حڪومت رياستي دهشتگردي تي لهي آئي آهي، سڀاڻي ملتان ۾ پي ڊي ايم جو جلسو هر صورت ۾ ٿيندو، اسان هر صورتحال جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، اسان سڄي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي تيار ڪري ورتي آهي، سمورين پارٽين کي چوڻ چاهيان ٿو ته رڪاوٽون ٽوڙي جلسي ۾ اچن، پي ڊي ايم جي جلسي کي روڪڻ تي عوام جو سيلاب کين لوڙهي ويندو، ڪو ڏنڊو استعمال ڪندو ته ڪارڪنن کي به ڏنڊا کڻڻ جي اجازت هوندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو