191

پاڪستان گيس پائيپ لائين پروجيڪٽ جو انتظام روس حوالي ڪرڻ تي راضي ٿي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان حڪومت ”پاڪستان اسٽريم گيس پائيپ لائين پروجيڪٽ“ جو انتظامي ڪنٽرول روس جي حوالي ڪرڻ تي رضامندي ظاهر ڪري ڇڏي آهي، پاڪستان روس سان اسٽرٽيجڪ پارٽنرشپ جي بهتري لاءِ ”پاڪستان اسٽريم گيس پائيپ لائين پروجيڪٽ“ جا انتظامي ڪنٽرول هڪ خصوصي ڪمپني جي ذريعي روس جي حوالي ڪرڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي وئي آهي. روسي صدر به ان منصوبي ۾گهري دلچسپي ادا ڪئي آهي، جنهن تي عمل ڪرڻ لاءِ گيس پنجاب کي مهيا ڪئي ويندي، هن منصوبي جي ذريعي روس ڏهاڪن کان پوءِ پاڪستان جي سرزمين تي اقتصادي منصوبي ۾ حصو وٺندو. ياد رهي ته پاڪستان اسٽيل ملز ۽ جي ڊي سي ايل جي قيام ۾ روس جو اهم ڪردار ڪيو آهي، ڪيتري عرصي کان ٻنهي ملڪن ۾ جاري وڇوٽي ختم ٿيڻ کان پوءِ ٻيهر ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعلق بهتر ٿيندا ۽ اقتصادي مامرن ۾ اڳڀرائي ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو