لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ شاهه لطيف ڪرڪيٽ ڪلب جي ميزبانيءَ هيٺ 32 هين شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ٽي 20 ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي ٻارهين ڏينهن شهر جي پي سي بي گرائونڊ شيخ ڪالوني ۾ پهرين مئچ جيئو جاگيراڻي سپر ڪرڪيٽ ڪلب ۽ سچل فرينڊس ڪرڪيٽ ڪلب وچ ۾ کيڏي وئي جنهن ۾ سچل فرينڊس جي ٽيم ٽاس کٽي پهريان بئٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 186 رنسون ٺاهيون جنهن ۾ غضنفر 47 ۽ نويد چانڊيو 30 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. جڏهن ته فيلڊنگ ڪندڙ ٽيم جي بالر رابيل، زاهد ۽ سعيد 2، 2 وڪيٽون ورتيون. جواب ۾ جيئو جاگيراڻي سپر ڪرڪيٽ ڪلب جي ٽيم بئٽنگ ڪندي 19.2 اوورن ۾ 184 رنسون ٺاهي ڏير ٿي وئي. اهڙي طرح سچل فرينڊس ڪرڪيٽ ڪلب جي ٽيم جيئو جاگيراڻي سپر ڪرڪيٽ ڪلب جي ٽيم کي 2 رنسن تان شڪست ڏئي ڪاميابي حاصل ڪئي. مئچ ۾ فياض 58 ۽ صدام 40 رنسون ٺاهي نمايان رهيا جڏهن ته نور نبي ڀٽو 3، مختيار ڀٽي ۽ جاود علي شاهه 2، 2 وڪيٽون ورتيون جنهن ۾ فاتح ٽيم جي ماجد علي شاهه کي مين آف دي مئچ جو ايوارڊ ڏنو ويو. ٽورنامينٽ جي ٻي مئچ اڪرم ايم ايس ٽي بکو خان سيال ڊکڻ ڪرڪيٽ ڪلب ۽ سنڌڙي ڪرڪيٽ ڪلب لاڙڪاڻو وچ ۾ ٿي جنهن ۾ ڊکڻ جي ٽيم ٽاس کٽي پهريان بئٽنگ ڪندي مقرر 15 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 142 رنسون ٺاهيون جنهن ۾ اڪرم 69 ۽ ربنواز 14 رنسون ٺاهيون جڏهن ته وهاب 2 ۽ ظهير هڪ وڪيٽ ورتي. جواب ۾ سنڌڙي ڪرڪيٽ ڪلب لاڙڪاڻو جي ٽيم بئٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 115 رنسون ٺاهيون. اهڙي طرح اڪرم ايم ايس ٽي بکو خان سيال ڊکڻ ڪرڪيٽ ڪلب جي ٽيم سنڌڙي ڪرڪيٽ ڪلب لاڙڪاڻو جي ٽيم کي 27 رنسن تان شڪست ڏئي ڪاميابي ماڻي. مئچ ۾ مشتاق 31 ۽ مختيار 27 رنسون ٺاهي نمايان رهيا جڏهن ته شڪيل ۽ رميز هڪ هڪ وڪيٽ ورتي جنهن ۾ رميز کي مين آف دي مئچ جو ايوارڊ ڏنو ويو.
334