حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي سيڪريٽري اطلاعات سينيٽر مولابخش چانڊيو چيو آهي ته عمران خان هڪ نااهل سليڪشن آهي جنهن جي وڃڻ جا ڏينهن اچي ويا آهن. هن چيو ته ملتان ۾ علي قاسم ۽ ٻين جيالن جي گرفتاريون ۽ ڪيس بوکلاهٽ جو چٽو ثبوت آهن. سينيٽر مولابخش چانڊيو چيو ته سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان ۾ ماڻهو ان نااهل سليڪشن خلاف ٻاهرنڪري آيا آهن. هن چيو ته حڪومت جلسن کي روڪڻ ۾ ناڪام ٿي ته هاڻي طاقت جو بيجا استعمال ڪيو پيو وڃي جڏهن ته ماڻهو حڪومت جي پابندين ۽ پاليسن کي رد ڪري چڪا آهن. هن چيو ته عمران خان پسنديده آمر ايوب خان وانگر سنگل ۽ تالا چوري جا ڪيس بڻايا. سينيٽر مولابخش چانڊيو چيو ته عوام جڏهن آمر ايوب کان نه ڊڄي ته ان سليڪٽڊ کان ڇو ڊڄندي، جيالا ۽ جمهوري ڪارڪن اسان جي قائد جي ڀيڻ آصفه بي بي جي ملتان ۾ شاندار آجيان لاءِ پر عزم آهن، جڏهن ته شهيد بي بي ۽ آصف زرداري جي ڌيءَ جي ملتان جلسي ۾ شرڪت اسان جيالن لاءِ خوشي جي گهڙي آهي. سينيٽر مولابخش چانڊيو چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو چيو هو ته جڏهن ضرورت پوندي بيگم صاحبه، منهنجا پٽ ۽ ڌيئرون به عوام جي وچ ۾ هوندا، هي خاندان پنهنجي روايت تي هلندي عوام جي قيادت ڪري رهيو آهي ۽ بي بي شهيد کانپوءِ آصف علي زرداري، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آيا ۽ هاڻي آصفه بي بي سندن نمائندگي ڪرڻ لاءِ اچي رهي آهي اهو سليڪٽڊ حڪومت لاءِ موت جو پيغام آهي. سينيٽر مولابخش چانڊيو چيو ته هر حڪومت مخالفن تي ڪيس ۽ گرفتاريون تڏهن ڪندي آهي جڏهن سندس پڇاڙي جا ڏينهن هوندا آهن.
272