192

پي ڊي ايم جلسو: علي قاسم گيلاني سميت گرفتار 400 ڄڻن تي ڪيس داخل، جلسو هر حال ۾ ٿيندو، ڪوفي جي سياست سان مديني جي رياست بڻجي نٿي سگهي: بلاول ڀٽو زرداري

ملتان (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) پاران 30 نومبر تي ٿيندڙ جلسي کان هڪ ڏينهن اڳ ملتان جو قاسم باغ اسٽيڊيم سڄي رات جنگ جو ميدان بڻيل رهيو، پوليس پاران ڪورونا ايس او پيز جي خلاف ورزي تي لٺبازي ڪئي وئي ۽ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جي پٽ علي قاسم گيلاني سميت درجينن ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ويو. ملتان جي  قاسم باغ اسٽيڊيم ۾ جهمريون هڻندي پي ڊي ايم ڪارڪن ڪنٽينر هٽائڻ لاءِ ڪرين کڻي پهتا ته اسٽيڊيم جنگ جي ميدان ۾ تبديل ٿي ويو، پوليس ڪارڪنن تي لٺبازي ڪئي ۽ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضاگيلاني جي پٽ علي قاسم گيلاني سميت درجنين ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کپي گرفتار ڪري ورتو، ڪارڪنن جي اسٽيڊيم ۾ وڃڻ کانپوءِ شاميانا، ڪرسيون ۽ ٻيو سامان به واپس کنيو ويو. ٻئي پاسي پنجاب جي گهرو وزارت جي حڪم تي علي قاسم گيلاني کي ڪورونا ايس او پيز جي خلاف ورزي ڪرڻ تي کيس هڪ مهيني لاءِ جيل موڪليو ويو آهي، جڏهن ته گرفتار ڪيل اڳواڻن ۽ ڪارڪن سميت 400 ڄڻن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جن ۾ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جا 4 پٽ شامل آهن. هوڏانهن پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ملتان ۾ پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي گرفتاري تي سخت ردعمل جو اظهار ڪيو آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ڪوفي جي سياست سان مديني جي رياست بڻجي نٿي سگهي. هن گرفتار ٿيل علي قاسم گيلاني جي ترت آزادي جو مطالبو ڪيو. ٻئي پاسي نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته ملتان ۾ هر حال ۾ جلسو ٿيندو، پ پ پ اڳواڻن ۽ جيالن جي گرفتاري جي مذمت ڪريون ٿا. هوڏانهن ملتان ۾ ٿيندڙ پي ڊي ايم جي جلسي ۾ ڇڪتاڻ باوجود آصفا ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز هر حال ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو