237

ملتان ۾ اڄ وڏي دنگل جو خطرو، پي ڊي ايم پاران هر حال ۾ جلسي جو اعلان، حڪومت به ڪارروائي لاءِ سندرا ٻڌي ورتا،پوليس جٿا طلب،سڄو شهر سيل

اسلام آباد / لاهور  (م ڊ ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان جو مقابلو اهڙي سياسي قيادت سان آهي جيڪا ڪڏهن به جمهوري جدوجهد مان نه گذري آهي، مخالف ڌر عوام جي زندگي ۽ سلامتي کي خطري ۾ وجهي رهي آهي. جلسن کي اين آر او حاصل ڪرڻ لاءِ آخري واٽ طور آزمايو پيو وڃي. پر کين ڪڏهن به اين آر او نه ملندو. ٽويٽر تي پنهنجي بيان ۾  وزيراعظم عمران خان وڌيڪ چيو ته پاڪستان هن وقت ڪورونا جهڙي صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي، ڪووڊ 19 جي دوران پاڪستان ۾ اسان جو مقابلو اهڙي سياسي قيادت سان آهي جنهن ڪڏهن به جمهوري جدوجهد نه ڪئي آهي، وزيراعظم وڌيڪ چيو ته اسان جي سياسي قيادت عام شهرين جي ڏکيائين کي سمجهڻ کان وانجهيل آهي، هن عام شهرين جي بهتري جي لاءِ ڪڏهن به سٺي ڪم ۾ حصو نه ورتو آهي، انهن جو مقصد رڳو پنهنجي خاندانن جي لاءِ ڦرلٽ ذريعي گڏ ڪيل ناڻو بچائڻ آهي. وزيراعظم چيو ته اسان عوام جي روزگار کي بحال رکڻ لاءِ سمارٽ لاڪ ڊائون ڪيو ته ليڊرن مڪمل لاڪ ڊائون جو مطالبو ڪيو، پر اسان غريب کي سهارو ڏيڻ ۽ معيشت بچائڻ لاءِ سمارٽ لاڪ ڊائون جي حڪمت عملي اختيار ڪئي. ڪورونا جي نئين لهر جي اچڻ تي جڏهن ٻيهر سمارٽ لاڪ ڊائون جي ضرورت آهي ته اهي جلسا ڪري رهيا آهن. حقيقت ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻن کي عوام سان ڪا به همدردي نه آهي. انهن جي خاندانن عوام کي غريب ڪرڻ لاءِ ئي قومي دولت لٽي. اهي محلن ۾ شاهي زندگي گذارين ٿا. انهن کي عهدن سبب اها شاهاڻي زندگي وراثت ۾ ملي آهي.  ٻي پاسي پنجاب جي وڏي وزير جي خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڪورونا وائرس جهڙي وبا دوران عوام جون زندگيون خطري ۾ نٿا وجهي سگهون، رياست جي رٽ چئلينجن ڪندڙن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو. پنهنجي هڪ ٽويٽ ۾ فردوس عاشق اعواڻ لکيو ته بزدار حڪومت گهڙي گهڙي چئي چڪي آهي ته ڪورونا وائرس جهڙي وبا دوران عوام جون زندگيون پي ڊي ايم جي سياسي بيروزگارن حوالي ڪري خطري ۾ نٿا وجهي سگهون. هن چيو ته پي ڊي ايم جلسن جي پرواهه نه آهي پر عوام جي زندگين جو تحفظ بنا فرق اسان کي عزيز آهي، ڀلي اهي ڪنهن به جماعت جا هجن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو