224

ملتان ۾ اسٽيڊيم ٻيهر سيل، ڪريڪ ڊائون جاري، 1800 ماڻهن خلاف ڪيس، گيلاني جو پٽ جيل حوالي

ملتان ( م ڊ ) ملتان جي انتظاميه پي دي ايم جو جلسو روڪڻ لاءِ  ڀرپور  ڪوششون ڪري رهي آهي، جنهن لاءِ ان ڪرڪ ڊائون پڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. پوليس يوسف رضا گيلاني جي چئن پڻ سميت 1800 ماڻهن جي خلاف ڪيس داخل ڪري يوسف رضا گيلاني جي هڪ پٽ کي هڪ مهيني لاءِ جيل پڻ موڪلي ڇڏيو آهي. ڇنڇر تي پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي وازير اعظن يوسف رضا گيلاني جي پٽن جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن جلسي واري رٿيل هنڌ اسٽڊيم جا تالا ڀڃي ان کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ ڪري ورتو هو. ملتان پوليس ڇنڇر ۽ آچر واري رات دير سان  يوسف رضا گيلاني جي چئن پٽن سميت 400 ماڻهن خلاف ڪورونا بابت ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڪرڻ،  اسٽڊيم جا تالا ڀڃڻ ۽ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو  هو. ان دوران پوليس گيلاني جي ٽن  پٽن علي قاسم گيلاني،  ايم پي اي علي حيدر گيلاني ۽ موسيٰ گيلاني  سميت 40 ماڻهن کي گرفتار پڻ ڪري ورتو. پوليس رات دير سان ئي يوسف رضا گيلاني جي پٽن کي گرفتار ڪرڻ کان اسٽڊيم مان سمورن ڪارڪنن کي ڪڍي اسٽڊيم کي ٻيهر تالا هڻي سيل ڪري ڇڏيو آهي، وڏي انگ ۾ اهلڪار پڻ مقرر ڪري ڇڏيا آهن.  ملتان جي انتظاميه شهر ۾ رڪاوٽون وڌائي ، جلسي واري هنڌ جي ٻاهران وڏي انگ ۾ پوليس مقرر ڪئي وئي آهي، قلعه ڪهنا قاسم اسٽڊيم ڏانهن ويندڙ شهر جي اهم روڊن تي پڻ ٽراليون بيهاري اهي بند ڪيا ويا آهن. پنجاب جي مختلف شهرن ۾ ڪريڪ ڊائون پڻ شروع ڪري گرفتاريون ڪيون، ان دوران پوليس ن ليگ جي اڳواڻڻ جي گهرن تي پڻ ڇاپا هنيا.پوليس يوسف رضا گيلاني جي رات گرفتار ڪيل ٻن پٽن ايم پي اي علي حيدر گيلاني ۽ موسيٰ گيلاني کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي.  هڪ پٽ علي قاسم کي هڪ مهيني لاءِ جيل حوالي ڪري ڇڏيو آهي.  هوڏانهن مسلم ليگ ن جي ڪارڪنن رانا ثناءُالله جي اڳواڻي ۾ گهنٽا گهر چوڪ تان ريلي ڪڍي، ان دوران پوليس ريلي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته چڪتاڻ ٿي پئي،  ريلي ڪجهه اڳٽي وڃڻ کان پوءِ ختم ٿي وئي. ان بابت ن ليگ جي اڳواڻ مريم اورنگزيب چيو ته ملتان ۾ گهنٽا گهر چوڪ تان اسان جي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيوويو آهي،

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو