223

پنوعاقل ڀرسان روڊ حادثي ۾ فوت ٿيل ھڪ ئي ڪٽنب جي 11 ڀاتين جا لاش سندن وارثن حوالي، هر اک آلي

پنوعاقل (ن سوڀ) پنوعاقل ڀرسان روڊ حادثي ۾ فوت ٿيل ھڪ ئي ڪٽنب جي 11 گھر ڀاتين جا لاش سندن وارثن حوالي ڪيا ويا آهن، لاش کڻڻ وقت هر اک آلي ٿي وئي. گذريل رات سانگي وٽ قومي شاھراھ  تي خانيوال کان ڪراچي ويندڙ مزدا ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ ھڪ ئي ڪٽنب جا 11 گھر ڀاتي فوت ٿي ويا ھئا، جن ۾ 7 معصوم ٻارڙا ۽ 4 عورتون شامل هيون. جن جا لاش سندن وارث ايمبولينس ذريعي اباڻي ڳوٺ خانيوال کڻائي ويا، 11 لاش ايمبولينس ۾ کڄڻ وقت سوڳ واري صورتحال ڇانئجي وئي، لاشن جا وارث پنھنجن پيارن کي چنبڙي اڀ ڏاريندڙ دانھون ڪندا رھيا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو