259

جيالن کي روڪڻ لاءِ سنڌ-پنجاب بارڊر سيل، پوليس اٽالا مقرر ، گاڏين جي تلاشي

ڏهرڪي (ن سوڀ) پنجاب حڪومت ملتان جلسي کي ناڪام ڪرڻ لاءِ سنڌ مان جلسي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ويندڙ هزارين ڪارڪنن کي روڪڻ لاءِ سنڌ-پنجاب بارڊر کي سيل ڪري ڇڏيو آهي جنهن بعد  ضلعي انتظاميه سنڌ-پنجاب دنگ ڪمون شهيد تي وڏي انگ ۾ پوليس اٽالا مقرر ڪري ڪنٽينر بيهاري ڇڏيا آهن. هوڏانهن پنجاب حڪومت پاران جلسي ۾ شرڪت ڪندڙن کي روڪڻ لاءِ رنڊڪون وجهڻ واري عمل بابت پ پ ضلعي گهوٽڪي جي صدر مير بابر خان لنڊ پنهنجي رد عمل ۾ چيو آهي ته اپوزيشن کي جلسن لاءِ ڪنٽينر فراهم ڪرڻ جو واعدو ڪندڙ وزير اعظم عمران خان يو ٽرن وٺندي پنهنجي واعدي جي ابتڙ اپوزيشن کي جلسن لاءِ ڪنٽينر فراهم ڪرڻ بدران کين ملتان جلسي ۾ شرڪت ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ ڪنٽينرن سان رستا سيل ڪرائي رهيو آهي پر روڪاوٽن باوجود گهوٽڪي ضلعي سميت پوري سنڌ جا جيالا لکين جي تعداد ۾ ملتان جلسي ۾ شرڪت ڪندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو