201

2 ڀيرا جيل ڪاٽي چڪي آهيان، ٽئين ڀيري به گرفتاري جو ڪو ڊپ ناهي: مريم نواز

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جو چوڻ آهي ته هوءَ بنا ڪنهن ڏوهه جي 2 ڀيرا جيل ڪاٽي چڪي آهي ان ڪري گرفتارين جي ڊپ کان ڀتون ٽپڻ واري ناهيان. لاهور کان پي ڊي ايم جي جلسي ۾ شرڪت لاءِ ملتان طرف روانو ٿيڻ وقت صحافين سان ڳالهائيندي مريم نواز جو چوڻ هو ته حڪومت ۽ جماعت اسلامي جا جلسا ٿي رهيا آهن، اتي ڪورونا نه پئي پکڙجي،  ڇا سموريون ايس او پيز مخالف ڌر لاءِ آهن؟ ڪووڊ 19 تي هليو ويو پر ڪووڊ 18 کي ڪڍڻو ضروري آهي، هن حڪومت کي گهر ڀيڙو ٿيڻ نظر اچي رهيو آهي، هاڻي هن حڪومت جا آخري ڏينهن بچيا آهن. هن چيو ته 2 ڀيرا اڳ ۾ بيگناهه جيل ڪاٽي آهي، ٽئين ڀيري به گرفتاري جو ڪو ڊپ ناهي، جيڪڏهن گرفتار ڪيو ويو ته ڪو مسئلو ناهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو