286

ملتان ۾ پي ڊي ايم جو جلسو: پنجاب حڪومت جلسي کي روڪڻ لاءِ پيل رڪاوٽون هٽرائي ڇڏيون، اڳواڻ ۽ ڪارڪن قلعه قاسم باغ اچڻ شروع

ملتان  (ويب ڊيسڪ) ملتان ۾ اڄ پيپلز پارٽي جي يومِ تاسيس جي موقعي تي پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) طرفان جلسو رٿيو ويو آهي. پنجاب حڪومت جلسي کي روڪڻ لاءِ پيل رڪاوٽون هٽرائي ڇڏيون آهن، جنهن کانپوءِ  اڳواڻ ۽ ڪارڪن قلعه قاسم باغ اچڻ شروع ٿي ويا آهن. شهر جي ايندڙ ويندڙ رستن ۽ توڙي صوبائي سرحدن تي وڏي انگ ۾ پوليس مقرر ڪئي وئي آهي، امڪان طور  ناخوشگوار صورتحال پيدا ٿيڻ جي خوف سبب گهنٽا گهر چوڪ  ۽ ڀرپاسي جي دڪانن ۽ ڪاروباري مرڪزن ۽ ميٽرو بس سروس کي بند ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مختلف ضلعن مان گهرايل پوليس کي آنسو گيس جا شيل ۽ گوليون به مهيا ڪيون ويون آهن ته جيئن هنگامي صورتحال ۾ ڪارڪنن کي منتشر ڪري سگهجي.  ان کانسواءِ سڄي شهر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ موبائيل نيٽ ورڪ به بند ڪيو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو