اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 40 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته 2839 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي وبا جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. سومر ڏينهن اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 2 هزار 839 مريضن جا ٽيسٽ پازيٽو آيا ۽ 40 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿي ويا جن مان 37 ماڻهو اسپتالن ۾ ۽ 3 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران فوت ٿيا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ 19 جا 33 هزار 302 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 10 هزار 81، پنجاب ۾ 10 هزار 825، خيبرپختونخواهه ۾ 5 هزار 624، اسلام آباد ۾ 5 هزار 146، بلوچستان ۾ 477، گلگت بلتستان ۾ 350، آزاد ڪشمير ۾ 796 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 3 لک 41 هزار 423 ٿي چڪو آهي. گلگت بلتستان ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽرز تي نه آهي جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص هڪ هزار 757 وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 300 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسن جو انگ 48 هزار 576 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 3 لک 98 هزار 24 آهي. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جا 55 لک 8 هزار 810 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي علاج جي لاءِ مخصوص ڪيل 614 اسپتالن ۾ 2 هزار 543 مريض علاج هيٺ آهن.
265