190

ڇا ايران تي حملو ٿيندو…؟؟؟

ليکڪ: پروفيسر بشير سومرو

صدر ٽرمپ پنهنجي ھڪ تازي بيان ۾ چيو آهي ته ھن سان بدترين ڌانڌلي ٿي آهي پر پوءِ به ھو اقتدار 20 جنوري تي ڇڏي جوبائيڊن جي حوالي  ڪندو پر انهيءَ صورت ۾ ھن کي 14 ڊسمبر واري اليڪٽورل ڪاليج جي ٿيندڙ چونڊ ۾ سرسي ٿيندي. صدر ٽرمپ جي ھن بيان مان محسوس ٿو ٿئي ته ڪٿي ھو اليڪٽورل ڪاليج جي لاءِ چونڊيل ميمبرن جي مختلف طريقن سان ڀڃ ڊاھه نه ڪري وٺي، جيتوڻيڪ اھو عمل آمريڪا لاءِ ڏکيو آهي پر آمريڪي ميڊيا پاڻ لکي ته صدر ٽرمپ جي ڪنهن به عمل تي اعتبار نه آهي، ڇو ته هو سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿو، جنهن جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته صدارتي عھدو ڇڏڻ کان اڳ ھو جوبائيڊن جي لاءِ اھڙيون ڏکيائيون پيدا ڪري ويندو جن کي حل ڪندي ڪندي ڊيموڪريٽس پنهنجو مدو پورو ڪري ويندا پر ٽرمپ جا پيدا ڪيل مسئلا حل نه ٿيندا، صدر ٽرمپ طرفان شروع ڪيل تازي سفارتڪاريءَ جي نتيجي ۾ سعودي عرب جي ولي عھد محمد بن سلمان ۽ اسرائيل جي وزير اعظم نيتن ياھو وچ ۾ نيوم شھر ۾ ملاقات ٿي، جنهن ۾ خطي جي جنگي صورتحال ۽ خاص طور تي ايران جي وچ اوڀر واري اثر کي ختم ڪرڻ تي ڳالهيون ٿيون پر ٻنهي اڳواڻن جي گڏجاڻيءَ راز ۾ رکڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي وئي پر اسرائيلي اخبارن ھن راز جو ڍڪ لاھي ڇڏيو، ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات جنهن ۾ مائيڪ پومپيو به موجود ھو، ۾ ايران جي خلاف محاذ ٺاهڻ تي اتفاق ڪيو ويو ۽ ساڳي ئي وقت تي جوبائيڊن لاءِ به ھڪ سخت پيغام آهي ته جيڪڏهن ھن جمال خشوگيءَ جي قتل جي ڪيس ۾ محمد بن سلمان ۾ ھٿ نه وجھندو ۽ نه ئي سعودي بادشاھت کي ختم ڪري جھموريت آڻڻ جي ڪوشش ڪندو پر صدر ٽرمپ ويندي ويندي پنهنجي انتظاميا ۽ صلاحڪارن سان گڏجي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته وچ اوڀر ۽ ايشيا ۾ سياسي استحڪام واپس آڻي، جنهن جي لاءِ جنگين کي ختم ڪرڻ سڀ کان اھم ٿي ويو آهي ۽ نيتن ياھو ۽ پومپيو جو سعودي دورو انتھائي اھميت وارو ھو پر وال اسٽريٽ جنرل جي ھڪ رپورٽ جي مطابق نيتن ياھو سعودي عرب مان خالي ھٿين واپس آيو، ڇاڪاڻ ته ھڪ طرف شاهه سلمان جنهن کي ھن دوري کان بيخبر رکيو ويو، جيتوڻيڪ ھن دوري کان اڳ ۾ جڏهن عرب امارات ۽ اسرائيل جي وچ ۾ ھڪ ڳجهي ٺاھه جي ذريعي سفارتي لاڳاپا قائم ٿيا ھئا، جنهن کي صدر ٽرمپ ابراھام اڪارڊ جو نالو ڏنو ھو ۽ ھن ٺاھه جو اھم مقصد ھو ته ”ڊيل آف دي سينچري“ يعني سڄو يروشلم اسرائيل جي گاديءَ جو هنڌ بڻجي ۽ ان کانسواءِ سمجهه ۾ ھينئن ٿو اچي ته ھاڻي سعودي عرب ۽ ٻين نار وارن ملڪن جي سڪيورٽيءَ جو بندوبست پاڪستان يا ڪنهن ٻئي ملڪ کي نه پر اسرائيل کي ڪرڻو آهي ۽ ساڳي ئي وقت تي اسرائيل ئي عرب رياستن جون معاشي حالتون يھودي واپارين جي ھٿ ۾ ٿينديون، جيڪي اڳ ۾ ڪنهن نه ڪنهن طرح سان انهن وٽ ھيون پر ھاڻي اھي کليءَ طرح انهن جي حوالي ٿينديون، ڇاڪاڻ ته نيتن ياھو کي آخرڪار گريٽر اسرائيل طور وڌڻو آهي.

ھاڻي ھن سڄي پس منظر ۾ عرب ملڪن جو ھڪ ئي اھم دشمن آهي ۽ اھو آهي ايران جنهن جو اثر يمن، شام، لبنان ۽ عراق ۾ سڌيءَ طرح سان موجود آهي، پر اڻ سڌيءَ طرح سان ڪجهه ٻين ملڪن ۾ به موجود آهي ۽ ايران جا ويڙھاڪ پراڪسي جنگ جا ماھر به آهن، تنهنڪري سعودي عرب ۽ ٻيا عرب ملڪ ايران کان خوفزده به آهن ۽ ساڳي وقت تي ايران ھڪ نيوڪليئر طاقت به ٿيڻ وارو آهي ۽ جيڪڏهن ايران ھڪ نيوڪليئر طاقت بڻجي ويو ته پوءِ عرب ملڪن کان وڌيڪ اسرائيل جي لاءِ خطرو پيدا ٿي پوندو. اھو ئي سبب آهي جو ھن سال جنوري ۾ ايران جي ھڪ چوٽيءَ جي جنرل ۽ پراڪسي جنگ جي ماھر قاسم سليماني کي ھڪ ميزائيل حملي ۾ قتل ڪيو ويو پر اھو حملو بغداد ۾ ٿيو ھو پر ھاڻي وري ايران جي نيوڪليئر پروگرام جي فادر محسن فخريزادي کي ھڪ حملي جي ذريعي قتل ڪيو ويو آهي پر ھي حملو تھران کان ٻاهر ٿيو آهي، جنهن مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ايران جي نيوڪليئر پروگرام کي تباهه ڪرڻ جي لاءِ ڌريون سرگرم آهن.محسن فخريزادي نه صرف نيوڪليئر ٽيڪنالاجيءَ جو ماھر ھو پر ساڳئي وقت تي ھو بيليسٽڪ ميزائيلن جو پڻ ماھر ۽ ان کانسواءِ ھن جون ٻيون به سائنسي خدمتون ھيون. ان حوالي سان آمريڪي ۽ عالمي ميڊيا نيتن ياھو جي 2018ع جي ھڪ خبر ڏيکاري رهي آهي ته ھن پنهنجي ڪابينا کي چيو ته ھي محسن فخريزادو آهي ھن جي نالي کي ياد رکجو ۽ پوءِ ھن کي قتل ڪيو ويو، عالمي ميڊيا ھن وقت موساد جيڪا اسرائيل جي ھڪ ڳجهي تنظيم آهي، جنهن جي ھڪ اڃا به ھڪ ڳجهي تنظيم ھوم لينڊ پينٿر يا وري ڪيدائو تنظيم يعني ٻنهي مان ھڪ تنظيم محسن فخريزادي جي قتل ۾ ملوث چئي ٿي وڃي ۽ ھي آهي نيوم شھر ۾ نيتن ياھو ۽ محمد بن سلمان جي ملاقات جو نتيجو، ھن سڄي پس منظر ۾ جوبائيڊن ۽ هن جي طرفان چونڊيل ٽيم لاءِ عرب-ايران حالتن کي سنڀالڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پوندو، ڇاڪاڻ ته بائيڊن جي ٽيم جنهن ۾ اڪثريت اوباما جي دور ۾ ڪم ڪندڙن جي آهي ۽ انهن ئي ايران نيوڪليئر معاھدو ڪيو ھو ۽ انهن ئي چاهيو پئي ته ايران جو وچ اوڀر ۽ ايشيا ۾ اھم ڪردار ھجڻ کپي، جنهن جي اسرائيل ۽ سعودي عرب سخت مخالفت ڪئي ھئي پر ھاڻي به اھا ساڳي ٽيم ھڪ نئين عزم سان اچي پئي ۽ جوبائيڊن جو چوڻ آهي ته ھو آمريڪا کي واپس اوباما جي دور تائين پڄاڻيندو، ڇاڪاڻ ته ھو صدر ٽرمپ جي ابتڙ اتحادن جو حامي آهي، جنهن ۾ عسڪري ۽ واپاري اتحاد به اچي وڃن ٿا، جيتوڻيڪ آمريڪي ميڊيا اھو ٻڌائي رهي آهي ته ايندڙ بائيڊن انتظاميا جنگين جو خاتمو ٿي چاهي پر ھن جي ٽيم اھڙن فردن تي ٻڌل آهي جن جا ڊفينس ڪانٽريڪٽرن سان گهرا ناتا آهن ته پوءِ جنگين ختم ٿيڻ جي بدران وڌڻ جو امڪان آهي، نه ته انهن جا ھٿيار ڪيئن وڪامبا پر ھن سڄي پس منظر ۾ ايران سان نيوڪليئر معاھدو ڪئين ٿيندو، اھو ايندڙ وقت ئي ٻڌائي سگهي ٿو پر صدر ٽرمپ اقتدار ڇڏڻ کان اڳ ۾ ايران تي حملو نه ڪري جنهن جي مخالفت ڪرڻ تي ھن ڊفينس سيڪريٽري مارڪ ايسپر کي عھدي تان ھٽائي ڇڏيو ھو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو