ليکڪ: گلاب خان بهڻ
مورو سنڌ ديس جي اٺين صدي هجريءَ جو هڪ آباد ٿيل خطو آهي. جيڪو هن وقت هڪ پڪو شهر، تعلقي ۽ سب ڊويزن جو هيڊڪوارٽر آهي، سنڌ جي نقشي تي هي شهر موجوده سنڌ جي بلڪل وچ تي آباد آهي، ائين کڻي چئجي ته ”مورو جاگرافيائي لحاظ کان سنڌ جي دل جي حيثيت رکي ٿو. ان کان علاوه مورو تعلقي ۾ تمام بهترين شخصيتن موري جو قاضي خدا بخش سومرو ڪراچي جو پهريون مسلمان ”ميئر“ هو. ناصر مورائي، راشد مورائي، گل حسن گل ٻرڙو، عظيم سنڌي، ميڪش سومرو، ڊاڪٽر حيدر سنڌي، رمضان نول، رکيل مورائي، وغيره سنڌي ادب جا ناميارا نالا آهن ته موسيقيءَ ۾ وري الهداد زرداري، گلشير تيوڻو، جلال چانڊيو، دلشير تيوڻو، صائمه منظور، ماروي سنڌو، نگھت ناز، بالا بلوچ وغيره آهن.هي اهو مورو شهر آهي، جنهن ۾ عبدالزراق سومرو جهڙو جوان آرامي آهي، ان کان علاوه مورو شهر ۽ ان جي ڀرپاسي جي علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن ۾ هڪ اندازي موجب 70 سيڪڙو ماڻهو تعليم يافتا آهن، پوري پاڪستان ۾ مختلف ادارن اندر مورو شهر جو ڪو نه ڪو ماڻهو ڪنهن سٺي عهدي تي فائز آهي، سياسي حوالي سان ڏٺو وڃي ته مورو تعلقي ۾ تمام پراڻا ۽ بهترين سياستدان رهندا هئا، جن ۾ اڳوڻو نگران وزيراعظم پاڪستان رئيس غلام مصطفيٰ خان جتوئي، پاڪستان ۾ برک سياستدان ليکيو ويندڙ غلام مصطفيٰ خان جتوئي جو سياسي حريف جنهن غلام مصطفيٰ خان جتوئي کي 88ع واري اليڪشن ۾ شڪست ڏئي قومي اسيمبلي جو ميمبر ٿيندڙ مرحوم رئيس حاجي رحمت الله بهڻ ان کانسواءِ جمالي خاندان مان مرحوم خان محمد خان جمالي جيڪو اصل هو ته نوابشاهه ضلعي جو، پر هن جون سياسي خدمتون مورو جي عوام لاءِ هيون، اهي سمورا سياستدان هاڻ حال حيات ته ناهن پر سندن اولاد اڄ به مورو تعلقي سان سڃاتو وڃي ٿو. ايترن بهترين سياستدانن، پڙهيل لکيل نوجوانن، اديبن، مشهور شاعرن، مشهور گلوڪارن جي هن شهر کي الائي ڪنهن جي نظر لڳي وئي آهي، جو هن شهر ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي خراب آهي، شهر هجي يا ان جي ٻهراڙي، ماڻهو پاڻ کي غير محفوظ سمجهي رهيا آهن، مورو شهر ۾ تازو ئي ٿيل هڪ ٻئي جي پٺيان قتلن سبب سنڌ جي دل سمجهو ويندڙ شهر مورو دنيا جي نظر ۾ انتهائي غير محفوظ شهر بڻجي ويو آهي، مورو شهر جي لطيف ڪالوني ۾ نوجوان ناري ڪرن آرائين جو قتل، مورو لڳ ٽمور وٽ ٽيڪسي ڊرائيور انصاف ڪيريو جو هٿياربندن هٿان قتل، نوان جتوئي لڳ عرفان انڙ جو هٿياربندن هٿان قتل، مورو شهر جي رهواسي ننڍي قد جي 22 سالا نوجوان مختيار سولنگي جو قتل ۽ ان کان سواءِ پوري مورو سب ڊويزن جي سمورن ٿاڻن مورو ٿاڻو، درس ٿاڻو، نوان جتوئي ٿاڻو، ملڪ ٿاڻو، ڪورائي ٿاڻو، سيٺر ٿاڻو، قمرالدين ٿاڻي جي حدن ۾ روز چوريون، ڏينهن ڏٺي جو ڦرن جون وارداتون، جهيڙا، قبضا ۽ مارا ماري جاري آهي. جيڪڏهن پوليس جي ڪارڪردگي تي نظر وجهجي ته ڪرن آرائين جي قتل ۽ مختيار سولنگي جي قتل ۾ پوليس پاران بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري وئي پر ٻين وارداتن ۾ پوليس صرف خانه پوري ڪندي لاڪ اپ ڀريا آهن.ان کان سواءِ پوليس امن امان ڪرائڻ ۾ به ناڪام نظر آئي آهي. مورو تعلقي جي عوام مان پوليس آفيسرن مٿان ته مڪمل اعتماد ختم ٿي ويو آهي، مورو تعلقي جو عوام آخر دانهين ته ڪنهن جي در دانهي، هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته مورو ۾ ٻيهر امن امان جي فضا بحال ڪرڻ جي لاءِ هتان جي پوليس ۽ انتظاميا تحرڪ وٺي عوام جي لاءِ امن ڪرائي ۽ مسڪين ماروئڙن جي دردن جو درمان بڻجي ۽ اسان جي نوجوانن کي گهرجي ته هڪ سگھاري تحريڪ هلائين ته جيئن مورو تعلقي جو عوام پنهنجي زندگي بهتر نموني گذاري سگھي، ۽ سنڌ جي دل سمجهيو ويندڙ شهر مورو امن امن جي حوالي سان پنهنجو وڃايل معيار ٻيهر بحال ڪري سگھي.