303

حڪومت پي ڊي ايم کي جلسي جي اجازت ڏئي ڇڏي،رڪاوٽون ختم، آصفه ڀٽو يوسف رضا گيلاني جي رهائشگاهه تي پهچي وئي، اڄ پنهنجي سياسي سفر جي شروعات ڪندي

ملتان  (ويب ڊيسڪ) ملتان ۾ اڄ پيپلز پارٽي جي يومِ تاسيس جي موقعي تي پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) طرفان رٿيل جلسي ڪرڻ لاءِ حڪومت پي ڊي ايم کي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، جنهن کانپوءِ سموريون رڪاوٽون ختم ڪيون ويون آهن، جڏهن ته شهيد بينظير ڀٽو جي نياڻي آصفه ڀٽو زرداري يوسف رضا گيلاني جي رهائشگاهه تي پهچي وئي آهي، جيڪا اڄ تاريخي جلسي کي خطاب ڪري  پنهنجي سياسي سفر جي شروعات ڪندي ٻئي طرف جنهن کانپوءِ  اڳواڻ ۽ ڪارڪن قلعه قاسم باغ اچڻ شروع ٿي ويا آهن. شهر جي ايندڙ ويندڙ رستن ۽ توڙي صوبائي سرحدن تي وڏي انگ ۾ پوليس مقرر ڪئي وئي آهي، امڪان طور  ناخوشگوار صورتحال پيدا ٿيڻ جي خوف سبب گهنٽا گهر چوڪ ۽ ڀرپاسي جي دڪانن ۽ ڪاروباري مرڪزن ۽ ميٽرو بس سروس کي بند ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مختلف ضلعن مان گهرايل پوليس کي آنسو گيس جا شيل ۽ گوليون به مهيا ڪيون ويون آهن ته جيئن هنگامي صورتحال ۾ ڪارڪنن کي منتشر ڪري سگهجي. ان کانسواءِ سڄي شهر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ موبائيل نيٽ ورڪ به بند ڪيو ويو آهي. $8

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو