280

اين آر او ڏيڻ جو حق آمر وٽ هوندو آهي، وزيراعظم وٽ نه : شاهد خاقان عباسي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي جو چوڻ آهي ته اين آر او ڏيڻ جو حق آمر وٽ هوندو آهي ، وزيراعظم وٽ ناهي هوندو، ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي وڌيڪ چيو ته مون کي اين آر او نه گهرجي، اين آر او ڏيڻ جو حق وزيراعظم وٽ ناهي، حڪومت طرفان مخالف ڌر تي دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي پر حڪومت کي ٻڌائڻ ٿا چاهيون ته حڪومت عوام جي زور تي هوندي آهي ۽ عوام اسان سان گڏ آهي. حڪومت کي اڍائي سال ٿي ويا آهن ور ملڪ ۾ اڃا تائين  بجلي جو بحران موجود آهي، حڪومت ٻڌائي ته اڄ گيس جي قيمت وڌڻ باوجود گيس مهيا نه آهي، گيس جون قيمتون ڇو وڌايون ويون آهن ان بابت حڪومت ٻڌائڻ لاءِ تيار نه آهي. شاهد خاقان عباسي جو اهو به چوڻ هو ته حڪومت جي طرفان غلط بياني ٿي رهي آهي ته اسان تي ڪرپشن جو الزام نه پر اختيارن جي ناجائز استعمال جو الزام آهي، 

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو