270

نيب ريفرنس: آغا سراج دراني تي هڪ سال کانپوءِ فرد جرم لاڳو، ٻڌڻي 22 ڊسمبر تائين ملتوي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر  آغا سراج دراني تي هڪ سال کان پوءِ آمدني کان وڌيڪ جائيداد ٺاهڻ واري ريفرنس ۾ فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي، ڪراچي جي احتساب عدالت م نيب جي طرفان آغا سرجا دراني ۽ ان جي ڪٽنب تي هڪ ارب 61 ڪروڙ جا مبينا طور تي غير قانوني اثاثا ٺاهڻ جي ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ عدالت هڪ سال کان پوءِ فرد جرم لاڳو ڪيو، عدالت ريفرنس تي وڌيڪ ڪارروائي لاءِ نيب جي پراسيڪيوٽر کي هدايت ڪئي آهي ته هو ايندڙ ٻڌڻي تي شاهد پيش ڪري، ايندڙ ٻڌڻي تي شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويندا. عدالت ريفرنس جي ٻڌڻي 22 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو