ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي 1200 ملازمن جي برطرفي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي. نجي ٽي وي مطابق سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪي پي ٽي جي 1200 ملازمن جي برطرفي خلاف درخواست تي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ملازمن جي وڪيل عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته 1200 ملازمن کي جون 2012ع کان مارچ 2013ع دوران ڀرتي ڪيو ويو، ملازمن کي ضرورت مطابق نوڪري ڏني وئي ۽ 2016ع ۾ سمورن ملازمن کي پڪو ڪيو ويو. وڪيل جو چوڻ هو ته ملازمن کي 2016ع ۾ قانون مطابق پڪو ڪيو وڃي، جڏهن ته سمورن ملازمن کي سياسي ڀرتي جو الزام مڙهي برطرفي جو نوٽيس ڏنو ويو آهي. عدالت ملازمن جي برطرفي خلاف درخواستون منظور ڪري ورتيون ۽ مختصر فيصلي ۾ ملازمن جي برطرفي جو نوٽيس ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.
205