205

ڀارت چين سان ڳالهيون ڪري سگهي ٿو ته پاڪستان سان ڇو نه؟: محبوبه مفتي

سرينگر (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پيپلز ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي صدر محبوبه مفتي چيو آهي ته نام نهاد چونڊون ڪشمير مسئلي جي حل جو متبادل نٿيون ٿي سگهن ۽ هن ان پراڻي تڪرار جي حل لاءِ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڳالهين تي زور ڏنو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق محبوبه مفتي سرينگر ۾ پنهنجي گهر تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته چونڊون ڪشمير مسئلي جو حل ناهن ۽ ٻنهي پاڙيسري ايٽمي طاقتن ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ ڳالهيون شروع ٿيڻ گهرجن. هن چيو ته جيڪڏهن چين سان ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون جنهن اسان جي زمين تي قبضو ڪيو آهي ته پاڪستان سان ڇو ڳالهه ٻولهه نه ٿي ڪري سگهجي، ڇا ان جو سبب پاڪستان جو مسلمان ملڪ هجڻ آهي ڇو جو هاڻي ڀارت ۾ هر شيءَ کي فرقي واريت جو رنگ ڏنو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو