202

پاڪستاني اداڪاره سجل علي عرب ايوارڊ ڊيفا ماڻي ورتو

دبئي  ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪاره سجل علي ڊيفا ايوارڊ حاصل ڪري ورتو آهي، هلندڙ سال جو چوٿون ڊسٽنڪو انٽرنيشنل عرف فيسٽيول ايوارڊ (ڊيفا) پاڪستاني اداڪاره سجل علي پنهنجي نالي ڪرڻ جو اعزاز حاصل ڪري ورتو آهي. هي ايوارڊ فيسٽيول هر سال منعقد ڪيو ويندو آهي جنهن جي رنگارنگ تقريب گڏيل عرب رياستن جي مرڪزي شهر دبئي ۾ منعقد ڪئي ويندي آهي، ساليانو ڊيفا ايوارڊ عرب شخصيتن کي انهن جي ڪاميابي ۽ معاشري جي بهتري لاءِ تعاون ڪرڻ تي ڏنو ويندو آهي،  پاڪستاني اداڪاره سجل علي ان جي شاندار اداڪاري جي بنياد تي ڊيفا ايوارڊ سان نوازيو ويو آهي، جيڪو ايوارڊ پاڪستان فلم انڊسٽري لاءِ فخر جي ڳالهه آهي ٻئي طرف سجل علي دعائون ڏيڻ تي  پنهنجي چاهيندڙن جو شڪريو ادا ڪيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو