214

پنوعاقل پوليس عورتاڻي آواز تي ھرکجي اغوا ٿيندڙ ٻن نوجوان کي ڌاڙيلن جي چنبي مان بچائي ورتو

پنوعاقل (ن سوڀ) پنوعاقل پوليس عورتاڻي آواز تي ھرکجي اغوا ٿيندڙ ٻن نوجوان کي ڌاڙيلن جي چنبي مان بچائي ورتو آهي. پنوعاقل واسي نوجوان ريحان ڀٽو ۽ سانگھڙ سان تعلق رکندڙ علي خاصخيلي عورتاڻي آواز تي ھرکجي پنوعاقل جي ڪچي ۾ پھتا، پنوعاقل پوليس پاران ڳجھي اطلاع تي بروقت ڪارروائي ڪري ٻنھي نوجوانن کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو، پوليس پاران ضروري ڪاروائي بعد ھٿ آيل نوجوانن کي وارثن حوالي ڪري ڇڏيو.  ان سلسلي ۾ نوجوانن ميڊيا کي ٻڌايو ته ڪجهه عرصي کان عورتون  رابطي ۾ ھيون جن چيو ته ملڻ اچو، اسان ڪچي پهتا سون ته پوليس اسان کي بچائي ورتو. ھوڏانھن ايس ايس پي سکر عرفان سمون ميڊيا کي ٻڌايو ته نوجوانن کي عورتاڻي آواز تي تيغاڻي گروپ جي ڏوھارين جي ٽولي اغوا ڪرڻ لاءِ گھرايو، پوليس پاران بروقت ڪارروائي ڪري نوجوانن کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو آھي، ڪچي ۾ تيغاڻي ٽولي خلاف آپريشن ھلندڙ آھي، نوجوان احتياط کان ڪم وٺن ۽ ڪنھن عورتاڻي آواز تي ھرکجي ڪچي جي علائقن ۾ وڃڻ کان پاسو ڪن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو