لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) خدا جي واسطي نياڻين. ٻارڙن ۽ پاڪ ڪتاب جي واسطي اسان جا جھڳا نه ڊاهيو. لاڙڪاڻي ۾ رائيس ڪئنال توڙي ان مان نڪرندڙ گهاڙ واهه، آبڙو واهه جي ٻنهي ڪپرن توڙي ايريگيشن ڪالوني جي رهواسين جا گهر امڪاني طور ڊاهڻ رهواسين گهر بچايو ڪاميٽي جي سڏ تي شهر جي لاهوري ريگيوليٽر وٽ سخت سيءُ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو جتي عورتن مٿي تي پاڪ ڪتاب رکي پنهنجي ٻارن سان گڏجي احتجاج ڪيو. ڌرڻي دوران ايڪو سامونڊن تي انقلابي گيت هلائي رهواسين جي جوش ۽ جذبي ۾ اضافو ڪيو ويو. ان موقعي تي ڌرڻي کي خطاب ڪندي گهر بچايو ڪاميٽي جي اڳواڻن محمد قاسم چانڊيو، ذوالفقار علي چانڊيو، سليم اختر ميراڻي، اختيار علي کرل، محمد مٺل جوڻيجو، لال جان لاشاري، بخت سولنگي، بشير احمد خاصخيلي، اختر حسين لاڙڪ، شفيق احمد چانڊيو، نعيم ميمڻ، غلام سرور شيخ، زاهد ڀنگر، اويس تونيو، امان الله کهڙو، اختر حسين لاڙڪ، منٺار ڀٽو، ناياب سرڪش سنڌي ۽ ٻين چيو ته اسين 1960ع کان وٺي رائيس ڪنائل توڙي ان مان نڪرندڙ گهاڙ واهه، آبڙو واهه جي ٻنهي ڪپرن تي 10 هزار کان وڌيڪ گهر ٺاهي ويٺا آهيون جڏهن ته ايريگيشن ڪالوني واسي به سالن کان وٺي 125 کان وڌيڪ گهر ٺاهي پنهنجي گهر ڀاتين سان رهائش اختيار ڪئي آهي جتان جي رهواسين جو تعداد لکن ۾ آهي. هنن چيو ته حڪومت طرفان ڪيترائي سال اڳ اسان کي بجلي، گئس، روڊ رستا توڙي ٻيون سهولتون فراهم ڪيون ويون پر ان جي باوجود آبپاشي کاتي جا عملدار مسلسل اسان جي گهرن کي ڊاهڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن جن طرفان هڪ هفتي کان هيوي مشينري ۽ ڪرينون گهرائڻ گهر ڊاهڻ جي ڪوشش ڪئي سڌ پوڻ تي اسين عورتن ۽ ٻارڙن سان گڏجي گهرن مان نڪري اهڙي عمل خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو جنهن تي آبپاشي کاتي جا عملدار مشينري سان گڏجي روانا ٿي ويا، هينئر سمورا رهواسين جو ساهه مُٺ ۾ اچي ويو آهي ۽ خدشو آهي ته آبپاشي کاتي جا عملدار رات جي اونداهيءَ ۾ گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيندا ان لاءِ اسان جون ننڊون به ڦٽي ويون آهن ۽ اسان صحيح طريقي سان پنهنجو ڪاروبار به ڪري نه ٿا سگهون، رهواسين طرفان عدالتي فيصلي تي نظرثاني جي لاءِ ٽي ڌار ڌار پٽينشون داخل ٿيل آهن ۽ اسان عدالت کي استدعا ڪئي آهي ته هو پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪري جيئن اسان جا گهر بچي سگهن. اسين چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير ۽ ٻين وارن کي اپيل ٿا ڪريون ته اسان جي آبادين کي مستقل ڪري مالڪاڻا حق ڏنا وڃن جيئن اسين بنا خوف ۽ خطري جي زندگي گذاري سگهون.
299