خانپورمهر (ن سوڀ) خانپورمهر لڳ ٽريڪٽر ڊرائيور ٿريشر جي پٽي ۾ ڪپڙو وچڙڻ سبب فوت ٿي ويو آهي. خانپورمهر لڳ ڳوٺ ڪرڙو ملڪ ۾ 40 ورهين جو ٽريڪٽر ڊرائيور غلام سرور ملڪ سارين جي ديري تي ٿريشر هلائي رهيو هو ته اچانڪ سندس ڪپڙو ٿريشر جي پٽي ۾ ڦاسي پيو جنهن سبب ٽريڪٽر ڊرائيور ڪٽجي فوت ٿي ويو، فوتي ٽريڪٽر ڊرائيور جي گهر ۾ روڄ راڙو متل آهي.
