اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان مصر سان لاڳاپن کي خاص اهميت ڏي ٿو ۽ گڏيل مفاد جي سمورن شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مصر جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير ساجد بلال سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهن لاڳاپن کي واپار، ثقافت ۽ دفاعي شعبن ۾ وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. نامزد سفير مصر سان ٻطرفن لاڳاپن ۾ وڌيڪ بهتري لاءِ مناسب قدم کڻي. هن نامزد سفير کي هدايت ڪئي ته هو معاشي ۽ دفاعي شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻ تي ڌيان ڏي ۽ مصر ۾ پاڪستان جو مثبت تشخص اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري. هن چيو ته مصر ۾ ڪشمير مسئلي ۽ ڀارت پاران ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مسلمان آبادي جي خلاف ظلمن کي اجاگر ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. ان موقعي تي صدر عارف علوي ساجد بلال کي مصر ۾ پاڪستان جو سفير مقرر ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني.
201