266

اين سي او سي جو اجلاس، ملڪ ۾ ڪورونا وائرس مثبت اچڻ جي شرح 8.53 سيڪڙو ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار، ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ لاءِ حڪمت عملي جو جائزو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ۾ اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ صحت بابت صلاحڪار ڊاڪٽر فيصل سلطان، وفاقي وزير عمر ايوب، وفاقي وزير حماد اظهر ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ٻي لهر جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. ڪورونا ايس او پيز تي عملدار آمد کي يقيني بڻائڻ لاءِ حڪمت عملي جو جائزو ورتو ويو، متاثر علائقن ۾ سمارٽ ۽ مائيڪرو لاڪ ڊائون بابت تفصيل پيش ڪيا ويا. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي اجلاس ۾ فورم کي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي مثبت هجڻ جي شرح 8.53 سيڪڙو آهي. صحت فورم کي بريفنگ ڏيندي ماهرن ٻڌايو ته وبائي مرض تي ضابطو آڻڻ لاءِ عملي قدم کنيا پيا وڃن. فورم کي آگاهه ڪيو ويو ته ملڪ ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون جاري آهي. آزاد ڪشمير ۾ 6 ڊسمبر تائين لاڪ ڊائون آهي. جڏهن ته سڄي  پاڪستان ۾ 5082 هنڌن تي سمارٽ لاڪ ڊائون ڪيو ويو آهي. پنجاب ۾ 1459، سنڌ ۾ 206، خيبرپختونخواهه ۾ 182، آئي سي ٽي 3205، گلگت بلتستان ۾ 30 هنڌن تي سمارٽ لاڪ ڊائون جاري آهي. فورم کي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي مثبت ڪيسن جي شرح 8.53 سيڪڙو آهي، ميرپور ۾ سڀ کان وڌيڪ پازيٽو هجڻ جي شرح 27.75 سيڪڙو آهي جڏهن ته مظفر آباد ۾ 23.44 ۽ حيدرآباد ۾ 18.21 سيڪڙو جي شرح آهي. سڄي ملڪ ۾ 5082 هنڌن تي سمارٽ لاڪ ڊائون آهي. سڄي ملڪ ۾ 2046 ڪورونا جي مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي ۽ شديد مريضن جو انگ تيزي سان وڌي رهيو آهي. فورم کي ٻڌايو ته مختلف صوبن ۾ مثبت ڪيسن جي شرح هن ريت آهي، اي جي ڪي 21.3 سيڪڙو، بلوچستان 11.95 سيڪڙو، جي بي 3.43 سيڪڙو، اسلام آباد 6.30 سيڪڙو، خيبرپختنوخواهه 5.57 سيڪڙو، پنجاب 4.84 سيڪڙو ۽ سنڌ 14.4 سيڪڙو آهي. فورم کي ٻڌايو ويو ته ملڪ جي وڏن ضلعن ۾ ڪووڊ پازيٽو جي شرح هن ريت آهي، لاهور 6.19 سيڪڙو، راولپنڊي 4.83 سيڪڙو، فيصل آباد 3.14 سيڪڙو، سنڌ صوبي ۾ ڪراچي 17.95 سيڪڙو، حيدرآباد 18.21 سيڪڙو ، خيبرپختونخواهه ۾ پشاور 18.09 سيڪڙو، سوات 5.81 سيڪڙو، ايب آباد 6.22 سيڪڙو ، بلوچستان ۾ ڪوئيٽا 9.09 سيڪڙو. اسلام آباد آئي سي ٽي 6.62 سيڪڙو، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ميرپور 27.75 سيڪڙو، مظفر آباد 23.44 سيڪڙو. گلگت بلتستان ۾ گلگت 5.65 سيڪڙو آهي. فورم کي ٻڌايو ته سڄي پاڪستان ۾ 278 مريض ويٽيليٽرز تي آهن. پنجاب ۾ فيصل آباد 4، لاهور 61، ملتان 31، راولپنڊي 26، سنڌ ۾ حيدرآباد 0، ڪراچي 61. خيبرپختونخواهه ۾ ايبٽ آباد 02، پشاور 35. بلوچستان ۾ ڪوئيٽا 0. اسلام آباد 46. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ميرپور 0، مظفر آباد 2، جي بي 0 آهي. سڄي ملڪ ۾ 2046 مريض انتهائي ڳڻي جوڳي حالت ۾ آهن جنهن ۾ پنجاب 467، سنڌ 675، ڪي پي 356. بلوچستان 16. اسلام آباد 323، آزاد ڄمون ڪشمير 23، جي بي جا 5 شامل آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو