261

آرمي چيف سان چين جي بچاءَ واري وزير جي ملاقات، گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي ڳالهيون

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان چين جي بچاءَ واري وزير ملاقات ڪئي آهي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي ڳالهيون ٿيون آهن. ڊي جي آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان چين جي بچاءَ واري وزير ويئي فينگ جي ايڇ ڪيو ۾ ملاقات ڪئي، جنهن دوران گڏيل دلچسپي وارن معاملن، علائقائي سلامتي ۽ ٻه طرفي دفاعي سهڪار تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، معزز مهمان پاڪ فوج جي علائقائي امن ۽ سي پيڪ منصوبن لاءِ محفوظ ماحول ڏيڻ وارين ڪاوشن کي ساراهيو. معزز مهمان کي پاڪ فوج جي دستي گارڊ آف آنر پيش ڪيو، جڏهن ته چيني دفاعي وزير شهيدن جي يادگار تي حاضري ڏني ۽ گلن جون چادرون چاڙهيون. ٻنهي فوجن وچ ۾ دفاعي سهڪار وڌائڻ واري هڪ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون پڻ ڪيون ويون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو