تاريخ ۾ انسانن کي رستي تان هٽائي سگهجي ٿو پر جدوجهد، سوچ ۽ نظرين کي ڪڏهن به ختم نه ٿو ڪري سگهجي ۽ نه وري تاريخ جي تسلسل کي روڪي سگهجي ٿو، هر دور ۾ هڪ نئين تاريخ جنم ورتو آهي، ڪالهه شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هو، جڏهن اهو نه رهيو ته ان جي جڳهه اچي سندس بهادر نياڻي شهيد محترمه بينظير ڀٽو ورتي، هن پنهنجي اڻٿڪ جدوجهد ۽ قربانين سان پنهنجي والد جي مشن کي اڳتي وڌايو ۽ سندس جهنڊي کي ڪڏهن به هيٺ ٿيڻ نه ڏنو، ايستائين جو هن پنهنجي جان جي به قرباني ڏئي ڇڏي، 27 ڊسمبر 2007ع تي جڏهن عوام جي ڇوليون هڻندڙ سمنڊ دوران کيس هميشه لاءِ جدا ڪيو ويو ته ان وقت مايوسي ۽ انڌيرن ڪَر کنيو، پر اڄ وري اهو وقت اچي ويو آهي ته سندس نياڻي آصفه ڀٽو سندس ئي روپ ۾ اچي نئون سياسي جنم ورتو آهي. اهو ئي لهجو، اهو ئي انداز ۽ اها ئي گجگوڙ، جڏهن ملتان جي تاريخي سرزمين تي گونجي اٿي ته ماڻهن جا مُرجهايل چهرا به مُرڪي اٿيا. پنڊال ۾ اهو ئي ولولو ۽ جوش ڏٺو ويو جيڪو شهيد محترمه جي دور ۾ ڏٺو ويندو هو. هوءَ به پنهنجي نوجوان ڀاءُ بلاول ڀٽو زرداري سان اڄ ساڳئي عزم سان انهي جدوجهد ۾ گڏ بيٺي آهي جيڪا شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ان کانپوءِ سندن امڙ شهيد محترمه بينظير ڀٽو اڌ ۾ ڇڏي هئي. هي به تاريخ جو هڪ فيصلو آهي، جنهن کي ڪير به روڪي نٿو سگهي. شاهه سائين فرمايو ته:
ڪاري ڪڪر هيٺ، مون جھيڙيندي ڇڏيا،
ڪارا ڪُند هٿن ۾، اڙل وڇيرا هيٺ،
ٿي تنين سين ڏيٺ، موٽڻ جنين ميهڻون.