ملتان ( م ڊ ) پي ڊي ايم ملتان ۾ هرطرح جي رڪاوٽن، گرفتارين ۽ ڪيسن باوجود جلسو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي ۽ پنجاب حڪومت اٽڪل هڪ هفتي تائين ڀرپور انتظامي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ کان پوءِ آخري گهڙين ۾ گوڏا کوڙڻ تي مجبور ٿي وئي. پي ڊي ايم حڪومت خلاف تحريڪ جاري رکندي ايندڙ جلسو 13 ڊسمبر تي لاهور ۾ ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته جمع سياسي ڪارڪنن تي ملتان ۾ ٿيل تششد خلاف جمع ۽ آچر تي پوري ملڪ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪري ڇڏيو آهي. سومر تي ملتان جي چوڪ گهنٽا گهر تي پي ڊي ايم جي جلسي کي خطاب ڪندي جي يو آئي جي امير ۽ پي دي ايم جي صدر مولانا فضل الرحمان خطاب ڪندي چيوته ملتان واسين ناجائز، ناپاڪ ۽ نالائق حڪمرانن کي شڪست ڏني آهي، هنن ۾ ٿورو به شرم هجي ته پاڻي جي ڍڪ ۾ ٻڏي مرن، جهڙي ريت هنن کي ملتان مان ڀڄايو آهي اهڙي ريت هن کي تخت تان ڪيرائڻ ۾ به ڪامياب ٿينداسين. اڄ اسان ملڪ جي سياست جي هر مسئلي مان عمران خان کي ٻاهر ڪري ڇڏيو آهي. اسان آمرن جو به مقابلوڪيو آهي. هن چيو ته هاڻي اسان جو مقابلو 13 ڊسمبر تي لاهور ۾ ٿيندو، هاڻي اسين لاهور ۾ ملنداسين اتان هنن جو جنازو نڪرندو، لاهور جو جلسو هنن جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ثابت ٿيندو. هنن جو پيڇو ڪرڻو آهي جيستائين گدڙ پچ لڪائي ڀڄي نه ٿو وڃي. ان کان پوءِ اسلام آباد جو وارو ايندو. ملتان ۾ سياسي ڪارڪنن تي ٿيل تششد جي خلاف جمع ۽ آچر تي پوري ملڪ ۾ احتجاج ڪنداسين، پوري ملڪ جو عوام لاهور ۾ پهچڻ لاءِ نڪري. مولانا فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته عمران خان ڪشمير کي مودي جي حوالي ڪيو، اڄ فلسطين کي يهودين جي حوالي پيو ڪري، هن ڪشمير کي وڪڻي ڇڏيو ۽ هاڻي فلسطين کي وڪڻڻ گهري ٿو. پر اسين ايئن ڪرڻ نه ڏينداسين، هن وڌيڪ چيو ته اسين پوري قوم جي نمائندگي ڪندي ميدان ۾ نڪتل آهيون، اڄ اسان پوري ملڪ ۾ احتجاج جو سڏ ڏئي ڇڏيو آهي. شهيد بينظير ڀٽو ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ جي نياڻي آصفه ڀٽو پنهنجي سياسي سفر جي شروعات ڪندي پنهنجي ڀاءُ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جي نمائندگي ڪندي خطاب ۾ چيو ته آئون اوهان جي ٿورائتي آهيان جو سيليڪٽيڊ جي ظلمن جي باوجود هتي گڏ ٿي ويا آهيو. عوام فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي ته سيليڪٽيڊ کي وڃڻو ئي پوندو، عوام کي سيليڪٽيڊ حڪومت کان بچائينداسين. هن وڌيڪ چيو ته آئون اهڙي وقت ۾ اوهان جي سامهون آئي آهيان جڏهن منهنجو ۽ اوهان جو ڀاءَ بلاول ڀٽو ڪورونا ۾ ورتل آهي، آئون به اوهان سان واعدو ٿي ڪريان ته هر قدم تي چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ اوهان گڏ ئي رهنديس. هي سمجهن ٿا ته اسان گرفتارين کان ڊڄي وينداسين پر اها انهن جي ڀل آهي. اسين گرفتارين کان نه ٿا ڊڄون، جيڪڏهن اسان جي ڀائرن کي گرفتار ڪيو ويو ته پ پ جي هر عورت جدوجهد لاءِ تيار آهي. آصفه ڀٽو چيو ته ملتان جي عوام ايم آر ڊي تحريڪ ۾ پڻ ڀرپور ساٿ ڏنو، بينظير ڀٽو جي جدوجهد ۾ ساٿ ڏنو، عوام ايم آر ڊي تحريڪ وانگر پي ڊي ايم تحريڪ ۾ بلاول ڀٽو جو ساٿ ڏيندو. آصفه ڀٽو زرداري چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو پ پ جو بنياد عوامي جمهوري ۽ فلاحي رياست لاءِ رکيو هو ۽ ان مقصد لاءِ ڪڏهن به پوئتي نه هٽيو. بينظير ڀٽو پڻ پنهجي والد جو مشن جاري رکيو ۽ شهادت پڻ قبول ڪئي. پاڪستان مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز خطاب ڪندي چيو ته آئون ملتان وارن جي بهادريءَ جي قائل ٿي وئي آهيان، ملتان جي گهٽي گهٽي ۾ جلسو ٿيو، ملتان وارن عمران خان کي ماري ڀڄايو آهي، پيپلز پارٽي جي يومِ تاسيس تي پ پ کي مبارڪون ڏيان ٿي ۽ آصفه ڀٽو جي آجيان ڪريان ٿي. هن وڌيڪ چيو ته جڏهن گهر تي ڏکيو وقت ايندو آهي ته ان گهر جون نياڻيون به نڪري پونديون آهن. اڄ ٻيهر نواز شريف تي ڏکيو وقت آهي، نواز شريف جي ماءُ گذاري وئي پر هن مون کي چيو ته پنهنجو ڏک گهر ۾ ڇڏي وڃجان، ڇو ته اسان جي ڏک کان وڌيڪ عوام جو ڏک آهي، عوام جي ڏکن تي اسان جا لکين ڏک به قربان ٿا ڪريون. مريم نواز وڌيڪ چيو ته منهنجو والد لنڊن ۾ ڪائونٽي ڪرڪيٽ نه پئي کيڏيو جو اهو پنهنجي مرندڙ ماءُ وٽ نه اچي ها. الله ڪنهن کي دشمن به ڏي ته ظرف وارو ڏي، پر اسان جي بدقسمتي اها آهي ته اسان کي دشمن به گهٽ طرف وارو مليو، جڏهن منهنجي ماءُ بيمار هئي ته ان وقت پي ٽي آئي وارن آئي سي يو ۾ زوري گهڙي ان جون تصويرون ڪڍيون. مريم نواز وڌيڪ چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو ڦاهي چاڙهيو ويو ۽ ان جي ڦاهي کان پوءِ ان جي ڪٽنب ک ان جي جنازي جي نماز پڙهڻ نه ڏني وئي، اهڙي ريت اڪبر بگٽي کي غار جي اندر حملو ڪري شهيد ڪيو ويو پر ان جي وارثن کي به جنازه نماز پڙهڻ نه ڏني وئي. بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو ته ان جي قاتلن کي پرڏيهه موڪليو ويو. آئون پچان ٿي ته هميشه عوام جي چونڊيل نمائندن سان ئي اهڙو سلوڪ ڇ و ٿو ڪيو وڃي؟ بندوق جي زور تي 20 سالن تائين حڪومت ڪئي ٿي وڃي، آئين به ٽوڙيو ٿو وڃي پر ڪنهن ڏٺو ته مشرف هڪ ڏينهن به جيل ۾ ويو هجي؟ ڪنهن ۾ ايتري همت آهي ته اهو مشرف کي لنڊن مان گهلي پاڪستان آڻي؟ هن وڌيڪ چيو ته اناڙي پاڪستان جي ڊرائيونگ سيٽ تي ويٺل آهي، هي رڳو نا اهل ئي نه آهن پر هنن جي دماغ ۾ ئي گند ڀريل آهي. پاڪستان جي سڀ کان وڏي وائرس جو نالو عمران خان آهي، ان وائرس جو علاج ضروري آهي. هاڻي پاڪستان جو عوام عمران خان جو لاڪ ڊائون ڪرڻ وارو آهي، ڪووڊ 19 کان اڳ ڪووڊ 18 عمران خان کي گهر موڪلڻ ضروري آهي. پي ڊي ايم جي تحريڪ عمران خان کي گهر موڪلڻ جي آخري مرحلي ۾ داخل ٿي وئي آهي. پي ڊي ايم فيصلو ڪرڻ واري آهي ان کان اڳ جو پي ڊي ايم پنهنجي لائحه عمل جو اعلان ڪري چڱو آهي ته کان اڳ پاڻ ئي اقتدار ڇڏي وڃو، پوءِ اهو نه چئجو ته اسان کي خبر نه هئي. هن وڌيڪ چيو ته عمران خان ڏکڻ پنجاب جو واعدو ڪيو هو ڇا اهو پورو ڪري ڇڏيائين؟ ان جو ٻين واعدن وانگر اهو واعدو پڻ فراڊ ئي نڪتو. هن چيو ته سپريم ڪورٽ کي اپيل ٿا ڪريون ته ان معاملي تي ڌيان ڏنو وڃي ته عمران خان 6 سالن کان فارن فنڊنگ ڪيس کي روڪرائي ڇو ويٺو آهي. مريم نواز وڌيڪ چيو ته اوچتو اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جي حمايت ۾ مهم ڪيئن شروع ٿي وئي آهي. عوام پچي ٿو ته اها مهم ڪير پيو هلائي؟ اختر مينگل خطاب ڪندي چيو ته انهن قوتن کي سبق سيکارڻو آهي، ته جيئن اهي سڀاڻي وري ڪنهن ڇوٽو عمران کي نه آڻي سگهن. اسين ووٽ جي عزت لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهيون، گار جو جواب پٿر سان ڏينداسين. محمود اچڪزئي خطاب ڪندي چيو ته لاهور جي جلسي تائين هر ضلع ۾ جلسو ٿيڻ گهرجي.
