177

پيٽرول جو اگهه ساڳيو برقرار، هاٰءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگهه ۾4 رپين جي واڌ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت  ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽرول جو اگهه ساڳيو برقرار رکيو آهي ، جڏهن ته هاٰءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگهه ۾4 رپين جي واڌ ڪري ڇڏي آهي. فنانس ڊويزن طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته عوام کي وڌ کان وڌ رليف ڏيڻ لاءِ حڪومت عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم جي اگهن ۾ واڌ پاڻ برداشت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته پيٽرول، گاسليٽ ۽ لائٽ ڊيزل جا اگهه ساڳيا ئي برقرار رهندا پر عالمي سطح تي غير معمولي واڌ سبب هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگهه ۾ 4 روپيا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي. پڌرائيءَ موجب ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ نوان اگهه پهرين ڊسمبر کان لاڳو ٿيندا.جنهنتيرات 12 وڳي کان ئي عمل پڻ شروع ٿي ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو