راولپنڊي (م ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان چين جي بچاءَ واري وزير ملاقات ڪئي آهي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي ڳالهيون ٿيون آهن، ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان چين جي بچاءَ واري وزير وئي فينگ جي ايڇ ڪيو ۾ ملاقات ڪئي، جنهن دوران گڏيل دلچسپي وارن معاملن، علائقائي سلامتي ۽ ٻه طرفي دفاعي سهڪار تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، معزز مهمان پاڪ فوج جي علائقائي امن ۽ سي پيڪ منصوبن لاءِ محفوظ ماحول ڏيڻ وارين ڪاوشن کي ساراهيو، معزز مهمان کي پاڪ فوج جي دستي گارڊ آف آنر پيش ڪيو، جڏهن ته چيني دفاعي وزير شهيدن جي يادگار تي حاضري ڏني ۽ گلن جون چادرون چاڙهيون، ٻنهي وچ ۾ دفاعي سهڪار وڌائڻ واري هڪ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون پڻ ڪيون ويون، ان موقعي تي آرمي چيف چيوته پاڪستان ۽ چين هر معاملي تي هميشه گڏ بيٺل آهن، پاڪ فوج چين سان ڀائرن واري تعلقات جو قدر ڪري ٿي، جنرل قمر جاويد باوجوا چيو ته پاڪستان چين سان تعلقات کي اهميت ڏئي ٿو، ٻئي ملڪ هر معاملي تي هميشه گڏ بيٺل آهن، آرمي چيف چيو ته علائقائي معاملن تي پاڪستان جي موقف جي حمايت تي چين جا شڪرگذار آهيون، پاڪستان ۽ چين جا گهرا ۽ دوستاڻا تعلقات آهن، مستقبل ۾ به پاڪستان ۽ چين گڏ بيٺل هوندا، پاڪ فوج جي سپهه سالار چيو ته پاڪستان ۽ چين جي فوج ۾ تعاون جي معاهدي تي به صحيحون ڪيون آهن.
233