189

ڪراچي ۾ کڏڙي واسي گارڊ ٽڪ ٽاڪ جي شوق ۾ حياتي وڃائي ويٺو

کڏڙو (ن سوڀ) ٽڪ ٽاڪ جي شوق کڏڙو واسي نوجوان جي زندگي وٺي ڇڏي خبر موجب کڏڙو جي خاصخيلي پاڙي جو نوجوان 25 ورهين جو غلام شبير پٽ علي گل خاصخيلي ڪراچي جي علائقي گلشن معمار  ۾ هڪ خانگي ڪمپني ۾ ڪجھه ئي ڏينهن پهرين سيڪيورٽي گارڊ ڀرتي ٿيو هو، جيڪو پنهنجي ئي هٿيار سان ٽڪ ٽاڪ ٺاهي رهيو هو ته اوچتو فائر ٿيڻ سب هو گولي ڇٽڻ سبب موقعي تي ئي فوت ٿي ويو، فوتي جو مڙھ ايمبولينس ذريعي کڏڙو آندو ويو ته سندس گهر اندر ڪهرام مچي ويو  سندس امڙ صدمي ۾ بيهوش ٿي وئي، ياد رهي ته فوتي نوجوان جي ٽڪ ٽاڪ واري ٺاهيل وڊيو سوشل ميڊيا تي به وائرل ٿي وئي آھي. 

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو