سکر (رپورٽ: امداد بوزدار) خورشيد شاهه سميت 18 ڄڻن مٿان احتساب عدالت فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو، ڏوهه مڃڻ کان انڪار، ان سلسلي ۾ احتساب عدالت ۾ آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس جي ٻڌڻي، خورشيد شاهه ۽ ٻيا پيش، طفيل پٺاڻ پيش نه ٿيو، عدالت ٻڌڻي هڪ بجي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ٻيهر ٻڌڻي دوران طفيل پٺاڻ به پهچي ويو، جنهن بعد عدالت سمورن ماڻهن مٿان فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو آهي، هوڏانهن خورشيد شاهه، اويس قادر شاهه ۽ ٻين پاران ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، ٻئي پاسي عدالت ٻڌڻي 11 ڊسمبر تائين ملتوي ڪندي سمورن شاهدن کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، هوڏانهن ٻڌايو پيو وڃي ته نيب خورشيد شاهه خلاف وڌيڪ سپليمينٽري ريفرنس داخل ڪرڻ جون تياريون به ڪري ڇڏيون آهن، واضح رهي ته پ پ ايم اين اي سيد خورشيد شاهه 15 مهينن کان گرفتار آهي ۽ سندس خلاف هن وقت تائين ڏوهه ثابت ناهي ٿي سگهيو.
238