267

ملڪ ۾ ڪورونا جا هاڃا جاري، وڌيڪ 66 ڄڻا فوت، 2458 نوان ڪيس ظاهر

 اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا جا هاڃا جاري آهن، وبا وگهي وڌيڪ 66 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته  2458 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي وبا جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 2 هزار 458 مريضن جا ٽيسٽ پازيٽو آيا ۽ 67 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿي ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 40 هزار 969 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 13 هزار 169، پنجاب ۾ 15 هزار 356، خيبرپختونخواهه ۾ 4 هزار 696، اسلام آباد ۾ 6 هزار 553، بلوچستان ۾ 310، گلگت بلتستان ۾ 348، آزاد ڪشمير ۾ 537 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 3 لک 43 هزار 286 ٿي چڪو آهي. گلگت بلتستان ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ – 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص هڪ هزار 757 وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ – 19 جا 300 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ – 19 جي ايڪٽو ڪيسن جو انگ 49 هزار 105 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 4 لک 482 آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو