لاهور (ويب ڊيسڪ) نيب جو اڳوڻو ڊپٽي چيئرمين حسن وسيم افضل ڪورونا وگهي لاڏاڻو ڪري ويو آهي. مرحوم حسن وسيم جي گهر واري مطابق حسن وسيم افضل کي ڪورونا سبب 5 ڏينهن اڳ اسپتال ۾ داخل ڪرايو هو، جتي سندس حالت وڌيڪ خراب ٿيڻ ڪري کيس وينٽيليٽر تي رکيو ويو، جتي سندس ساهه جو سڳو ٽُٽو. مرحوم حسن وسيم افضل گهرو سيڪريٽري، پرنسپل سيڪريٽري گورنر ۽ وزيراعظم سيڪريٽريٽ ۾ اهم عهدن تي رهيو.
