291

سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي منصوبي واري معاملي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو، رڪارڊ طلب

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جو 10  بلين ٽري سونامي منصوبي واري معامري جو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي ۽ گهربل رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي، سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس، جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ درياهن ۽ انهن جي ڪنارن تي وڻڪاري متعلق ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، سپريم ڪورٽ 10 بلين ٽري سونامي منصوبي واري معامري جو نوٽيس وٺيندي موسمياتي تبديلي بابت کاتي جي سيڪريٽري کي طلب ڪري ورتو ۽ سيڪريٽري کي حڪم ڏنو ته 10 بلين منصوبي جو سمورو رڪارڊ به مهيا ڪيو وڃي، ٻڌڻي ۾ سنڌ حڪومت طرفان رپورٽ پيش نه ڪرڻ تي عدالت حڪم ڪيو ته ڍنڍن ۽ رستن جي ڪنارن تي به وڻڪاري ڪرائي وڃي، وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت جا معاملا سمجهه کان ٻاهر آهن، سنڌ مان جيڪي به آفيسر اچن ٿا انهن کي ٽي اي، ڊي اي نه ملندو، عدالتي حڪم جي ڀڃڪڙي تي سنڌ حڪومت جي آفيسرن کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪنداسين، توهين عدالت جو نوٽيس مليو ته جمع پونجي ختم ٿي ويندي ، آفيسر جيل به ويندا ۽ نوڪري تان هٿ به ڌوئي ويهندا.  ٻڌڻي دوران چيف جسٽس اسلام آباد انتظاميه جي وضاحت دوران ريمارڪس ڏيندي چيو ته اسلام آباد جي انتظاميه وڏي مغرور آهي، سمورا وڻ بني گالا ۾ ئي لڳايا ويا هوندو، اسلام شهر مان وڻ ڪٽجي رهيا آهن، ڪشمير هاءِ وي تي بيڊولا وڻ لڳل آهن جيڪي وڻ خوبصورتي بجاءِ بدصورتي پيدا ڪري رهيا آهن. چيف جسٽس ڪي پي ڪي جي سيڪريٽري کي مخاطب ٿيندي رمارڪس ڏنا ته ڪي پي ڪي جو ماحوليات وارو کاتو چور آهي جنهن جا اوهان سربراهه آهيو، اوهان کي سڌو جيل موڪلڻ گهرجي، ناران ۽ ڪاغان ڪچرا بڻجي ويا آهن، ڍنڍن جي چو طرف ڪي به وڻ نه آهن، پشاور تي به ڪو ڌيان نه پيو ڏنو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو