278

شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پيرول جي مدي ۾ واڌ لاءِ پنجاب گهرو وزارت کي درخواست

لاهور (ويب ڊيسڪ)  مسلم ليگ (ن) شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پيرول تي آزادي واري مدي ۾ واڌ لاءِ درخواست ڏئي ڇڏي آهي. شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پيرول تي آزادي جو مدو سڀاڻي ختم ٿي رهيو آحي، جنهن ۾ واڌ لاءِ ن ليگي اڳواڻ عطا تارڙ پاران پنجاب جي گهرو وزارت کي درخواست ڏني وئي آهي. عطا تارڙ درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته تمام گهڻا ماڻهو آهن جيڪي بيگم شميم اختر جي لاڏاڻي تي شهباز شريف ۽ حمزه شهباز سان تعزيت جي سلسلي ۾ ملاقات لاءِ اچن ٿا، ان ڪري پيرول واري آزادي جي مدي ۾ واڌ ڪئي وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو