323

منال جي احسن محسن سان تصوير پروڊيوسر نور بخاري کي ڪاوڙائي وڌو

لاهور ( ويب ڊيسڪ) ملڪ جي ناليواري اداڪاره منال خان پنهنجي ويجهي دوست ۽ اداڪار احسن محسن اڪرام سان گڏ سالگره جي موقعي تي ورتل تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ڪيون آهن، جڏهن ته فلم پروڊيوسر نور بخاري سخت ڪاوڙ ۽ رد عمل جو اظهار ڪيو آهي، سوشل ميڊيا تي جاڙين ڀينرن ايمن ۽ منال خان جي ويجهر ۾ سالگره ٿي هئي ۽ ان موقعي تي انهن هڪ پارٽي پڻ رٿي هئي جنهن ۾ پاڪستان جي شوبز انڊسٽري جي اهم شخصيتن پڻ شرڪت ڪئي هئي، ان کان پوءِ ايمن ۽ منال خان پنهنجيون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ڪيون ويون جيڪي مقبول پڻ ويون. ڪجهه تصويرن تي مٿن تنقيد به ٿي جڏهن ته فلم پروڊيوسر نور بخاري جو رد عمل به سامهون آيو جنهن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ٻئي ڀينر شادي شده آهن ته انهن جون تصويرون ان قسم جون ڀلي وائرل ڪيون وڃن پر جيڪڏهن ته غير شادي شده آهن ته اهي سندن تصويرون نوجوانن کي گمراهه ڪرڻ کان سواءِ ڪجهه به نه آهن

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو