204

سيتا روڊ شهر کي پبلڪ لائبريري ڇو نه ٿي ڏني وڃي….!!

ليکڪ: راجا چنا

سيتاروڊ شهر 80 هزار کان وڌيڪ آبادي تي مشتمل آهي، بدقسمتي سان هن شهر ۾ بنيادي سهولتون ته موجود نه آهن پر چونڊيل نمائندن ۽ ضلعي انتظاميا جي بي ڌياني سبب شهر ۾ پبلڪ لائبريري به موجود نه آهي، جنهن ڪري شهر جا سوين نوجوان شاگرد ڪميشن جي امتحان سميت بهترين پڙهائي ۽ نوڪرين جي ٽيسٽن جي تياري نه ٿا ڪري سگهن، شهر ۾ ڪيتري ئي وقت کان سيتا سرجڻهار فورم ۽ اسٽوڊنٽ ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن پاران احتجاجي مظاهرا پڻ جاري آهن پر انهن مسئلن تي ڪنهن به ڌيان نه ڏنو آهي، شهر جا سوين نوجوان جيڪي تعليم سان چاهه رکن ٿا پبلڪ لائبريري نه هئڻ ڪري ميهڙ، ڪي اين شاهه، دادو، ڄامشورو ۽ حيدرآباد سميت  ٻين شهرن ڏانهن وڃڻ تي مجبور آهن، ڊي سي دادو سميت انتظاميا کي شڪايتون ڪرڻ باوجود شهرين جو هي اهم مسئلو اڃا تائين حل نه ٿي سگهيو آهي، ڪنهن به قوم کان تعليم کسبي آهي ته اها قوم پاڻ ئي تباهه ٿي ويندي آهي هتي سيتا ۾ به شهرين کان هٿ وٺي تعليم کسي پئي وڃي، لائبريري نه هئڻ ڪري شهر جا پڙهيل لکيل نوجوان تعليم تي صحيح توجهه نه ڏئي رهيا آهن ۽ جنهن سبب سندن مستقبل اونداهو بڻيل آهي، آئون هتي سنڌ حڪومت کي اها اپيل ڪندس ته سيتاروڊ شهر تاريخي حيثيت رکي ٿو ۽ ان شهر جي لاءِ پبلڪ لائبريري ڏني وڃي ته جيئن شهر جا سوين نوجوان تعليم تي صحيح نموني سان توجهه ڏئي ڪاميابي ڏانهن اڳتي وڌي سگهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو