299

لاڪ ڊائون دوران وقت ڪيئن گذارڻ گهرجي.؟؟

ليکڪ: غلام مصطفيٰ بالادي

چين مان شروع ٿيندڙ ڪورونا وائرس جهڙي موت مار وبا کي هڪ سال کن مڪمل ٿيڻ وارو آهي ۽ انهيءَ انتهائي ٿوري وقت ۾ بنا ڪنهن رنڊڪ جي اهو مرض سڄي دنيا تائين پکڙجي پنهنجا ڪارناما به ڏيکاري چڪو آهي، پاڪستان ۾ ڪورونا جي پهرين لهر هلندڙ سال فيبروري جي وچ ۾ شروع ٿي هئي، جون ۽ جولاءِ ۾ عروج تي هلي وئي ۽ اڳتي هلي حڪومت سخت معياري ايس او پيز لاڳو ڪري وائرس تي ڪنٽرول ڪيو هو ۽ عوام کي هدايت ڪئي هئي ته جيستائين مرض جي ڪا معياري ويڪسين تيار ٿئي، تيستائين ايس او پي جي پيروي ڪئي وڃي. بدقسمتي سان اسان وٽ اڃا به اها ٿيوري هلي رهي آهي ته ڪورونا وائرس مسلمانن لاءِ مغربي سازش آهي ۽ اهڙن افواهن سبب ماڻهو ايس او پي جي پيروي ڪرڻ ۾ لاپرواهي ڪري رهيا آهن، سڀ کان اهم ۽ خطرناڪ اها ڳالهه آهي ته ماڻهو سمجهن ٿا ته جيڪڏهن توهان ايس او پي جي پيروي ڪيو پيا ته وائرس اثرانداز نه ٿيندو، اها سوچ به ڪنهن حوالي سان مثبت نه آهي، جڏهن توهان جي چوڌاري سئو سيڪڙو ئي ماڻهو احتياطي تدبيرن جي پيروي ڪندا پوءِ ئي توهان محفوظ رهي سگهو ٿا، ان ڪري پنهنجي ڀرپاسي جي ماڻهن جي رهنمائي ڪريو جيڪي ايس او پي کان بيخبر آهن، انهن کي ڄاڻ ڏيو، جيڪي پيرو ڪرڻ ۾ ڄاڻي واڻي غفلت ڪري رهيا آهن، انهن سان ملڻ کان پرهيز ڪريو، ڪورونا وائرس جي پهرين لهر ۾ لاڪ ڊائون هجڻ سبب اسان جي ماڻهن ڪيتريون ئي نيون شيون سکيون آهن، اسان اهو ڏسي سگهون ٿا ته وائرس کان اڳ واري زندگي ۽ وائرس کانپوءِ واري زندگي بلڪل مختلف آهن، ڪورونا جي ٻي لهر ۾ ايس او پي تي عمل دوران پنهنجو وقت گذارڻ بابت آئون ڪجهه تجويزون ڏيڻ چاهيان ٿو.

1. آن لائن ڪلاس کان اڳيان: جيئن ته ملڪ ۾ ڪورونا تيزي سان وڌي رهيو آهي ۽ حڪومت تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو سخت پر سمجهدار فيصلو ڪيو آهي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر اسان آن لائن ڪلاسن جو رخ ڪيو آهي، ڇو ته مرض کان بچڻ لاءِ آن لائن تعليمي نظام ئي واحد حل آهي پر شاگرد پاڻ کي رڳو آن لائن ڪلاسن تائين محدود نه ڪن، سکيا کان اڳتي وڃن، شاگردن کي يوٽيوب، خان اڪيڊمي، آدم جي ويب سائيٽن تي سکڻ لاءِ وڃڻ گهرجي جتي نهايت سٺن موضوعن بابت معلومات آهي، شاگردن کي نصاب کان ٻاهر ڄاڻ به وٺڻ گهرجي، اهو اسان سڀني لاءِ ڪورونا جو بهترين بدلو آهي. ان ڪري هن بدقسمتي کي بهتر موقعن ۾ تبديل ڪيو وڃي ۽ پنهنجي لاءِ نيون راهون، نوان خيال ۽ سائنسي علم ڳوليو وڃي.2. فري لانسنگ: انٽرنيٽ نوجوانن ۽ مهارت رکندڙ ماڻهن لاءِ ملازمتن جا ڪيترائي موقعا پيدا ڪيا آهن ۽ فري لانسنگ ان جو بنيادي حصو آهي، هن وقت ڪيترائي پاڪستاني نوجوان فري لانسنگ ڪري رهيا آهن ۽ پنهنجي قابليت کي جاچڻ ۽ پاڻ لاءِ موقعا پيدا ڪرڻ جي جستجو ۾ آهن، اسان کي مختلف مهارتن وانگر ويب ڊولپنگ ۽ سوشل ميڊيا مارڪيٽنگ پڻ سکڻ گهرجي. اهو ڪرڻ سان اسان جا والدين به مطمئن هوندا ۽ خانداني بجيٽ جو بار گهٽائي سگهون ٿا ۽ پنهنجن گهرڀاتين کي مالي مدد به ڏئي سگهون ٿا، موجوده دور فري لانسنگ تمام آسان آهي، هي دور ٽيڪنالاجي جو دور آهي ۽ ان مان فائدو کڻڻ گهرجي.3. مشق: عوام جي اڪثريت پنهنجو لاڪ ڊائون بي مقصد ننڊ ۽ موبائل هلائڻ تي خرچ ڪري ٿي، ان ڪري انهن کي گهرجي ته کٽون ٽوڙڻ بدران مختلف انڊور مشق شروع ڪن، جيڪا سندن ذهن ۾ تازگي آڻڻ ۾ مدد ڏيندي ۽ جسماني صحت به بهتر ڪندي. 4. ڪتاب پڙهڻ ۽ لکڻ: ڪتاب پڙهڻ سان نه صرف سوچ ۾ واڌ ٿئي ٿي پر ماڻهو تخليقيت ڏانهن وڃي ٿو ۽ خيالن ۾ بي وسعت پيدا ٿئي ٿي. سڀ کان اهم اهو ته ڪتاب پڙهڻ ۽ انهن جو تنقيدي جائزو وٺڻ سي ايس ايس ۽ سي سي اي جهڙن مختلف مقابلن وارن امتحانن جو شروعاتي قدم آهي ۽ ان سان لکڻ ۽ مقابلي واري قابليت ۾ واڌ ٿئي ٿي. جيڪڏهن اسان هاڻ کان ئي اهڙن امتحانن جي تياري ڪنداسين ته اڳتي هلي آساني ٿيندي. 5. خاندان سان وقت گذارڻ: هن سوشل ميڊيا واري دور ۾ اسان پنهنجن بزرگن کي وساري ڇڏيو آهي، لاڪ ڊائون ۾ اسان سڀني کي گهرجي ته پنهنجن بزرگن سان وقت گذاريون ۽ سندن زندگي جي تجربن کي ٻڌي ان مان فائدو حاصل ڪريون. 6.  نيٽ فلڪس: نيٽ فلڪس به هڪ وسيع پليٽ فارم آهي جتي اسان فلمون، سيريز ۽ مختلف سائنسي ڊاڪيومينٽريز ڏسي سگهندا آهيون، اتي ڪيتريون ئي سائنس فڪشن فلمون ۽ سيريز پيل آهن جيڪي اسان جي ڄاڻ ۾ واڌارو ڪن ٿيون، اسان کي تفريحي مقصد لاءِ به نيٽ فلڪس تي وقت گذارڻ گهرجي. جيڪڏهن ڄاڻايل تجويزن تي غور ڪري انهن مان ڪنهن به شخص کي فائدو پهچي ٿو ته اهو هڪ سڻائو قدم آهي، آئون سمجهان ٿو ته اهڙيون ٻيون به کوڙ مصروفيتون آهن، جن مان فائدو وٺي سگهجي ٿو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو