196

آمريڪا ۾ اقتدار جي منتقلي جي شروعات….

ليکڪ: علي محمد ميمڻ

آمريڪا ۾ صدارتي چونڊن جي نتيجن موجب  ڊيموڪريٽڪ پارٽي جو چونڊيل صدر ۽ ملڪ جو سڀ کان وڌيڪ مقبول سوشلسٽ اڳواڻ جوزف بائيڊن جنوري 2020ع جي آخري هفتي ۾ دنيا جي ملڪن جي سربراهن ۽ عالمي اڳواڻن جي موجودگي ۾ آمريڪا جي 46 هين صدر جي عهدي جو قسم کڻندو.  صدارتي چونڊون هارائيندڙ  صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان چونڊن جا نتيجا نه مڃڻ ۽ اقتدار منتقل نه ڪرڻ وارو معاملو نيٺ پنهنجي منطقي انجام ڏانهن وڃڻ لڳو آهي ۽ حڪمران ريپبلڪن پارٽي جي اقتدار واري هاٿي آخرڪار پنهنجا گوڏا کوڙي وڌا آهن. آمريڪي ميڊيا موجب آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ نيٺ نئين صدر جووبائيڊن کي اختيارن جي منتقلي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. جنهن بعد  جنرل سروس ايڊمنسٽريشن جي سربراهه آمريڪا جي نئين چونڊيل صدر کي اقتدار جي منتقلي واري فيصلي کان آگاهه ڪيو آهي. صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي چوڻ موجب ته، قانوني جنگ جاري رهندي پر انتظاميا کي چيو آهي ته، اقتدار جي منتقلي جي حوالي سان جنهن شئي جي ضرورت آهي، ان کي  انجام ڏنو وڃي.جنهن تي  آمريڪا جي نئين صدر جووبائيڊن اقتدار جي پرامن  منتقلي کي سٺو سنوڻ قرار ڏنو آهي.

   دنيا جي واحد سپر طاقت آمريڪا جو نئون حاڪم ۽ چونڊيل صدر جوزف بائيڊن هن وقت دنيا جي سڀ کان طاقتور، بلند قامت ۽ عوامي لحاظ کان پڻ مقبول ترين قيادت بنجي اڀريو آهي. نئين دور ۾ آمريڪا جي نئين صدر بابت مضمون، تبصرا ۽ آمريڪا جي مستقبل بابت ليک لکجي رهيا آهن، جيڪي يقينن، تمام گهڻا دلچسپ آهن. آمريڪا جي وڏين ۽ ننڍين اخبارن سميت سموري پرنٽ، اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي آمريڪا جي نئين چونڊيل صدر جوزف بائيڊن جي حيرت انگيز مقبوليت ۽ ڪاميابي جا چرچا آهن، هو  آمريڪا جي صدر جي چونڊ لاءِ ملڪ جي تاريخ جي سڀ کان وڌيڪ ووٽ ، مقبوليت ۽ رڪارڊ ووٽ حاصل ڪري آمريڪا جو صدر چونڊجڻ واري جئي جئي ڪار ۽ حامين جي جشن جا مزا ماڻي رهيو آهي. اها يقيني ڳالهه آهي ته، آمريڪا جو نئون چونڊيل صدر پنهنجي مقرر  ٿيل ڏينهن تي جنوري 2021ع ۾ آمريڪا جي صدر وارو حلف ضرور کڻندو ۽ آمريڪا جي حڪمراني واري مرڪز  وهائٽ هائوس ضرور منتقل ٿيندو ڏسنداسين.  

    ٻئي پاسي، آمريڪا جي هاڻوڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو حال پڻ تمام خراب، صدمي جو شڪار ۽ عبرتناڪ بنيل آهي. هو ووٽن ۾ پنهنجو ۽ ڪيترن ئي اڳوڻن آمريڪي صدرن جا رڪارڊ ٽوڙڻ جي باوجود هو چونڊون هارائي چڪو آهي ۽ آمريڪا ۾ مقبوليت جا نوان ريڪارڊ قائم ڪندڙ نئون آمريڪي صدر ريڪارڊ 8 ڪروڙ کان به وڌيڪ ووٽ حاصل ڪري مقبوليت جا نوان ريڪارڊ قائم ڪرڻ بعد، سموريون رڪاوٽون ٽوڙي اقتدار جي منتقلي لاءِ  ايوان صدر ۾  داخل ٿيڻ وارو آهي. لکئي جي ليک موجب آمريڪا جي بددماغ حڪمران، ڊونلڊ ٽرمپ جي دماغ جو فيوز، عوام ئي ڪڍي ڇڏيو آهي.   آمريڪا جي سياست ۽ رياست ۾آيل هيڏي وڏي اٿل پٿل ۽ شڪست، ڊونلڊ ٽرمپ کي پڻ يقينن،شديد صدمي جو شڪار ڪري ڇڏيو آهي، جنهن مان هو اڃا تائين ٻاهر نڪري نه سگهيو آهي. آمريڪا جي سپريم ڪورٽ سميت سمورين عدالتن ۽ اليڪشن ڪميشن جي آفيسن جا دروازا کڙڪائڻ ،ڪيس داخل ڪرڻ ۽ مختلف رياستن ۾ چونڊن جي نتيجن جي ٻيهر ڳڻپ ڪرائڻ جي باوجود سندس سمورا داخل ڪيل ڪيس رد قرار ڏنا ويا ۽ ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جا نتيجا پڻ ساڳيا رهيا ۽ سمورا حيلا هلائڻ بعد سموري ملڪ ۾ وڳوڙ ڪرائڻ ۽ سندس حامين جي مظاهرن کي خطاب ڪرڻ ۽ کين مڇرائڻ جي باوجود آمريڪا جي رياست آخرڪار کيس رياستي اختياري وارن طرفان عزت سان صدارت ۽ صدارتي آفيس منتقل ڪرڻ وارا پيغام پهتا ۽ خانبهادر ٽرمپ کي اقتدار جي منتقلي جون رسمي ڪارروائيون شروع ڪرڻ ۽ نئين صدر جي مقرر ٿيندڙ عملدارن کي لاڳاپيل دستاويزن ۽ اختيارن لاءِ گڏجاڻيون ڪرائڻ تي مجبور ٿيڻو پئجي رهيو آهي. هاڻي ايندڙ ڪجهه هفتن ۾کيس اقتدار ۽ حڪومت آمريڪا جي نئين صدر جو بائيڊن کي منتقل ڪرڻي آهي. اهڙي ريت، دنيا جي واحد وڏي سپرطاقت واري ڏهڪاءَ، طاقت ۽ دٻدٻي تان هٿ ۽ منهن ڌوئڻ بعد صدارتي محل ڇڏي پنهنجي پراڻي ڪاروبار  ايڊورٽائزنگ، ماڊلنگ ۽ شو بزنس واري دنيا ۾ واپس وڃڻو آهي.

آمريڪا جي صدارتي چونڊن جي نتيجن بعد ائين معلوم ٿي رهيو آهي ته، دنيا ۾ اصل تبديلي جا دروازا  شايد هاڻي کلي رهيا آهن جو دنيا ۾ عوام جي طاقت ۽ تحريڪن سان  اصل تبديلين وارا طوفان هاڻي اٿي رهيا آهن.ان کان اڳ واچوڙن ۽ مصنوعي تبديلين دنيا کي پنهنجي ڌنڌ ۾ ويڙهي رکيو هو. دنيا ۾ اصل تبديلي وارو دور هاڻي  شروع ٿيڻ وڃي رهيو آهي. جنهن جا اثر، يقينن دنيا جي مختلف ملڪن ۾ پڻ ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن. اسانجي ملڪ پاڪستان سميت دنيا جي ملڪن ۽ معاشرن ۾ پڻ عوام کي طاقت جو سرچشمو سمجهڻ ۾ ويساهه وڌيو آهي ۽ عوام کي پنهنجي جدوجهد جا نوان رستا ۽ ڪاميابين وارا جديد دنيا جا نوان دليل مليا آهن جو هاڻي دنيا جي مختلف ملڪن ۾عوام جي پيش قدمي وڌي رهي آهي. غاصب ۽ آمراڻي حڪومت خلاف ۽ چونڊن جي چوري سان قائم ڪيل  ڪٺ پتلي حڪومتن خلاف جلسا، ريليون ۽ تحريڪون تيز ٿينديون نظر اچي رهيون آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

آمريڪا ۾ اقتدار جي منتقلي جي شروعات….” ایک تبصرہ

پنهنجي راءِ ڏيو