ليکڪ: حامد مير
ڪنهن کي سٺو لڳي يا خراب، ملتان ۾ هڪ نئين تاريخ ٺهي رهي آهي، پيپلزپارٽي جو يوم تاسيس آهي، ان پارٽي جي 54 هين يومِ تاسيس جو جلسو اپوزيشن اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو جلسو بڻجي ويو آهي، حڪومت ڪورونا وائرس جي نالي تي جلسو روڪڻ لاءِ ننهن چوٽي جا زور لڳايا پر ڪامياب نه ٿي، منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر 28 نومبر تي سکر ۾ تحريڪ انصاف جي هڪ يوٿ ڪنوينشن کي خطاب ڪيو، سنڌ حڪومت کيس روڪڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي، ٻئي طرف ملتان ۾ پ پ کي يوم تاسيس جلسو ڪرڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، حڪومتي وزير الزام هڻي رهيا آهن، مخالف ڌر جي جلسن سبب ڪورونا پکڙجندي پر نه پاڻ جلسن کان مڙي رهيا آهن ۽ جماعت اسلامي کي روڪي رهيا آهن ۽ عام ماڻهو اهو سوچي رهيو آهي ته ڇا ڪورونا وائرس صرف پي ڊي ايم جي جلسن سان پکڙجي ٿي؟ پاڪستان پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاڻ ڪورونا وائرس جو شڪار آهي، 27 نومبر تي هو پنهنجي ننڍي ڀيڻ بختاور جي مڱڻي واري تقريب ۾ به شريڪ نه ٿي سگهيو هو، ان تقريب ۾ بختاور کان ننڍي آصفه هڪ آئيپيڊ کڻي مهمانن ۾ گهمي رهي هئي ۽ اسڪائيپ ذريعي بلاول جي مهمانن سان ڳالهه ٻولهه ڪرائي رهي هئي. حڪومت جي وزيرن مڱڻي جي ان ننڍڙي ۽ غير سياسي تقريب تي به سياست ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اهي بيان ڏنا ته بلاول جي ڀيڻ جي مڱڻي ۾ ته ڪورونا وائرس کان بچاءَ لاءِ احتياطي تدبيرون ڪيون ويون آهن، سڀني مهمانن کي چيو ويو آهي ته اهي ڪورونا ٽيسٽ ڪرائي اچن پر بلاول ڪورونا وائرس جي ٻيهر پکڙجڻ باوجود ملتان جو جلسو ملتوي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، حڪومت ان معاملي تي مخالف ڌر سان مفاهمت بدران رعونت وارو لهجو اختيار ڪيو ۽ ان لهجي جي ردعمل ۾ بلاول ڀٽو زرداري پاڻ اعلان ڪيو ته ملتان جي جلسي ۾ سندس نمائندگي آصفه ڀٽو زرداري ڪندي. آصفه سدائين پاڻ کي عملي سياست کان الڳ رکيو آهي، تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ بختاور خاندان جي زمينن جي سار سنڀال ۽ ڪاروباري معاملن جي نگراني ڪري ٿي، آصفه جو گهڻو وقت پنهنجي پيءُ سان گڏ گذري ٿو، هوءَ ڪڏهن پنهنجي پيءُ کي جوتا پارائي رهي هوندي آهي ته ڪڏهن کيس سگريٽ ڇڪڻ کان منع ڪندي نظر ايندي آهي. آصف علي زرداري جڏهن ڪنهن جي به نه مڃندو آهي ته پوءِ آصفه کان سفارش ڪرائي ويندي. گذريل سال آصف علي زرداري طبي بنيادن تي ضمانت جي درخواست ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، بلاول سميت پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻن گهڻيون ئي منٿون ڪيون پر آصف علي زرداري ضمانت جي درخواست تي صحيحن لاءِ تيار نه ٿيو، نيٺ بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي ننڍي ڀيڻ آصفه کان مدد ورتي ۽ آصفه پنهنجي والد کي ضمانت واري درخواست تي صحيحون ڪرڻ لاءِ راضي ڪري ورتو، هوءَ پنهنجي والد ۽ ڀاءُ ٻنهي جي لاڏلي آهي پر والد ۽ ڀاءُ فيصلو ڪيو ته ملتان جي جلسي ۾ آصفه ضرور شرڪت ڪندي،آصفه جي شرڪت سان مخالف ڌر جي پارٽين جي حامين کي اهو پيغام ملندو ته ڪورونا وائرس جي سخت لهر ۾ صرف عام ماڻهو احتجاج لاءِ نٿا نڪرن پر شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي اها ڌيءَ به ملتان پهتي آهي، جنهن ان کان اڳ ڪڏهن به ڪنهن وڏي جلسي ۾ تقرير ناهي ڪئي،ملتان جي جلسي ۾ هڪ نه پر ٻن اڳوڻن وزيراعظمن جون ڌيئرون خطاب ڪن پيون، ڪجهه سال اڳ تائين ڪير سوچي به نٿي سگهيو ته نواز شريف ۽ بينظير جون ڌيئرون گڏجي هڪ اسٽيج تي تقرير ڪندي نظر اينديون. نواز شريف کي مختلف ڪيسن ۾ الجهائي نااهل قرار نه ڏنو وڃي ها ته شايد مريم نواز سياست ۾ نه اچي ها، اهڙي طرح آصفه ڀٽو زرداري 2018ع جي چونڊن ۾ پنهنجي پيءُ ۽ ڀاءُ جي چونڊ مهم ۾ انتهائي ننڍڙو حصو ورتو هو پر هوءَ عملي سياست کان پري رهي، کيس ضمني چونڊ ذريعي سنڌ اسيمبلي جو ميمبر ٿيڻ جو مشورو به ڏنو ويو پر سندس پهرين ترجيح پنهنجي بيمار پيءُ جي خدمت هئي. گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ حڪومت اهڙيون حالتون پيدا ڪري ڇڏيون آهن جو آصفه کي سندس پنهنجي ئي خاندان سياست ۾ اڳتي ڪري ڇڏيو آهي، اها ڳالهه ياد رکي وڃي ته بلاول جي شخصيت پنهنجي امڙ ۽ پيءُ ٻنهي جي وصفن جو ميلاپ آهي، بلاول ڪڏهن سخت ڳالهه ڪري ٿو ۽ ڪڏهن پنهنجي پيءُ وانگر مفاهمتي رويو به اختيار ڪري وٺي ٿو، پر آصفه پنهنجي ماءُ وانگر خطرناڪ ترين دشمن جي گولين ۽ بمن آڏو ڄمي بيهڻ جي طبيعت جي مالڪ آهي، هن ننڍپڻ کان پنهنجي امڙ ۽ پيءُ کي سازشن جي اعصار ۾ ڏٺو آهي، جنهن ڪري اهم سياسي معاملن تي سندس موقف گهڻو جارحاڻو آهي ۽ ان لاءِ هوءَ اڃا تائين سياست کان پرهيز ڪري ٿي، هاڻ هوءَ پنهنجي پيءُ ۽ ڀاءُ جي مرضي سان سياست ۾ اچي رهي آهي ته ان جو مطلب اهو آهي ته سندس پيءُ ۽ ڀاءُ مفاهمت کي خيرباد چئي رهيا آهن ۽ مزاحمت طرف وڌي رهيا آهن، آصف علي زرداري پيپلزپارٽي کي بلاول جي حوالي ڪري چڪو آهي ۽ بلاول پوئين ڪجهه عرصي ۾ مفاهمت وارو تجربو ڪري ڏسي ورتو آهي.آصفه کي پنهنجي مدد لاءِ سياست ۾ آڻڻ جو مطلب اهو آهي ته هو جارحاڻي سياست طرف وڌي رهيو آهي، ان حقيقت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ته اڃا تائين عمران خان وڏو خوشقسمت ثابت ٿيو آهي، جيتري تيزي سان سندس حڪومت غير مقبول ٿي آهي، ان جو مثال گهٽ ئي ملي ٿو، گلگت جي چونڊن ۾ اڪثريت حاصل ڪرڻ جو مطلب قطعي طور تي اهو نه آهي ته هو سڄي پاڪستان ۾ بدستور مشهور آهي، گلگت بلتستان جي ڪل رجسٽرڊ ووٽرن جو تعداد قومي اسيمبلي جي صرف هڪ تڪ جي رجسٽرڊ ووٽرن جي برابر آهي، ڪورونا وائرس عام ماڻهن لاءِ زحمت پر عمران خان لاءِ اڃا تائين رحمت آهي، ڇو ته اپوزيشن کي حڪومت خلاف تحريڪ هلائڻ ۾ گهڻين تڪليفن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، بلڪل اهڙيون ئي تڪليفون جهڙيون 30 نومبر 1967ع تي ذوالفقار علي ڀٽو کي پيپلزپارٽي قائم ڪرڻ کانپوءِ جنرل ايوب جي هٿان مليون ۽ انهن کي منهن ڏيڻو پيو، سڀ ڄاڻن ٿا ته ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ايوب خان وچ ۾ اختلافن جو سبب تاشقند وارو ٺاهه هو، ايوب خان ڪشمير مسئلي جي حل جي خاطري ڪرائڻ کانسواءِ ئي ڀارت سان امن ٺاهه ڪيو، جنهن تي سندس پرڏيهي وزير ذوالفقار علي ڀٽو استعيفيٰ ڏئي مزاحمت شروع ڪري ڇڏي، پاڪستان پيپلزپارٽي جو قيام دراصل ڪشمير مسئلي تي هڪ فوجي ڊڪٽيٽر جي سوديبازي جو ردعمل هو، 1968ع ۾ ڀُٽي صاحب کي ملتان ۾ جلسي کان اهڙي طرح ئي روڪيو ويو هو، جيئن اڄ پي ڊي ايم کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ڀُٽي صاحب کي گرفتار ڪري ساهيوال جيل ۾ قيد ڪيو ويو ۽ ان گرفتاري کانپوءِ جنرل ايوب خان خلاف تحريڪ جي شروعات ٿي ۽ اڄ وري مخالف ڌر کي به گرفتاريون آڏو آهن ۽ اهي حڪومت خلاف تحريڪ جي تيارين ۾ مصروف آهن. ملتان جي جلسي ۾ ٻن تقريرن تي سڀني جي نظر هوندي، مريم نواز ۽ آصفه جي تقرير، ٿي سگهي ٿو ته آصفه هڪ لکيل ننڍڙي تقرير پڙهي پر سندس پيغام اهو ئي هوندو جيڪو مريم نواز جو هوندو، نواز شريف ۽ محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي ڌيئرن جو پيغام هڪ ئي هوندو، ٻه ڌيئرون مزاحمت جي نئين تاريخ ٺاهڻ وڃي رهيون آهن.
(جيو جي ٿورن سان)