جوهي(ن سوڀ) جوهي جي ڳوٺ قريشي ڀرسان ڦُٽيءَ جو چونڊو ڪندڙن مٿان ماکي جي مکين حملو ڪري ڏنو، ماکين جي مکين جي ڏنگجڻ سبب عورتن ۽ ٻارڙن سوڌو 40 ڄڻا بيهوش ٿي ويا، بيهوش ٿيندڙن ۾ ولي محمد رستماڻي، مير رستماڻي، سلامت، علي محمد، صاحبه، طيب، ماروي، زبيده، اعجاز علي، اربيلي، ڪريمان، سئيدان، نويدان، رفيقان، گلشنا، نويد، انور، بخشل، سيمان، ضميران، دعا، گلان، علم دين ٻٻر، صوفي، جاويد، شھزادي، ۽ ٻيا شامل آهن. اهڙو اطلاع تعلقي اسپتال جي ايم ايس کي ڏنو ويو ته هڪ ئي وقت سمورن بيهوش ٿيلن کي اسپتال نٿو آڻي سگهجي جنهنڪري ڊاڪٽرن جي ٽيم موڪلي وڃي، جنهن بعد ڊاڪٽرن جي ٽيم ڳوٺ پهچي زهريلي ماکي جي ڏنگجڻ سبب بيهوش ٿيلن جو علاج شروع ڪيو. تعلقي اسپتال جوهي جي ايم ايس زبير پنهور، ڊاڪٽر خادم کوسو ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار کوسو مطابق متاثرن جي حالت خطري کان ٻاهر آهي.
