عمرڪوٽ (رپورٽ: اشوڪ ڪمار) عمرڪوٽ کان ڪنري ويندڙ روڊ تي 34 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي 5 کان وڌيڪ روڊ جون موريون ٽٽي ويون آھن ۽ ڪيئن زبون حال ٿي ويون آھن، جن ۾جاڙا واٽر اسٽاپ، شاھاڻي آباد اسٽاپ، فقير عبدالله اسٽاپ سيد واٽر ۽ کيجراڙي اسٽاپ وٽ موريون ٽٽل ھجڻ ڪري روڊ حادثه معمول بڻيل آھن، جڏھن ته ڄاڻايل ٽٽل ۽ زبون حال بڻيل مورين جي مرمتي ڪم لاءِ انتظاميه ڪي به اپاءُ نه ورتا آھن، ڪنري روڊ نئون ٺھڻ کي 3 سال به نه ٿيا آھن ۽ روڊ مختلف ھنڌن تان اکڙڻ شروع ٿي ويو آھي، جنھن ڪري ٽرانسپوٽرن ۽ مختلف ڳوٺن ڏانھن ايندڙ ويندڙ ماڻھن کي پريشاني کي منھن ڏيڻو پوي ٿو، هتان جي سڄاڻ ڌرين ڳڻتي ظاھر ڪندي اختيارين کي نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي آھي، سماجي اڳواڻن فقير محب منڱريو، جي ايم راھمون، پون ھرچنداڻي، ميوارام سميت ٻين چيو آھي ته عمرڪوٽ ڪنري روڊ تي ڪيترن ئي عرصي کان موريون ڊٿل ۽ زبون حال بڻيل آھن، جنھن ڪري حادثه معمول بڻجي ويا آھن ۽ انساني جانيون داءُ تي لڳل آھن پر انتظاميه مورين جو مرمتي ڪم ڪرائڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام بڻيل آھي، جنھن جو اسان ھتان جي حڪومتي ڌر جي چونڊيل نمائندن ۽ وس وارن کان مطالبو ٿا ڪريون ته مورين جو جلد ڪم شروع ڪرائي ماڻھن جون حياتيون بچايون وڃن.
250