رحيم يار خان (ويب ڊيسڪ) چناب درياهه ۾ سير ڪرڻ دوران ٻيڙي تي بيهي دوستن سان گڏ سيلفي ڪڍندڙ نوجوان ٻڏي فوت ٿي ويو آهي. رپورٽن مطابق 17 ورهين جو ذيشان دوستن سان گڏ ٻيڙي تي سوار هو، ان دوران هو ٻيڙي تي بيهي دوستن سان سيلفي ڪڍي رهيو هو ته توازن وڃائيندي درياهه اندر ڪري پيو، اطلاع تي ٽوٻن پهچي 6 ڪلاڪ مسلسل ڳولا کانپوءِ لاش ڪڍي وارثن حوالي ڪيو. نوجوان ذيشان بستي چڪر موهانا جو رهواسي هو ۽ يارهين ڪلاس جو شاگرد هو.
