225

ڀارت کي ڪلڀوشن جو وڪيل مقرر ڪرڻ لاءِ 14 جنوري تائين جي مهلت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِڪورٽ ڀارت کي ڪلڀوشن جو وڪيل مقرر ڪرڻ لاءِ 14 جنوري تائين جي مهلت ڏئي ڇڏي آهي. چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ عدالت جي لارجر بئنچ ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو جو وڪيل مقرر ڪرڻ واري درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، وفاق پاران اٽارني جنرل خالد جاويد خان جڏهن ته ڀارتي هاءِ ڪميشن پاران بئريسٽر شاهه نواز نون عدالت آڏو پيش ٿيا. اٽارني جنرل عدالت آڏو چيو ته ڀارت لاءِ ڪلڀوشن تائين قونصلر رسائي جي اسان واري آڇ اڃا تائين موجود آهي، جيڪڏهن ڀارتي هاءِ ڪميشن ڪا ڳالهه ڪرڻ چاهي ٿي ته پنهنجي وڪيل ذريعي ڪري سگهي ٿي. ڀارتي هاءِ ڪميشن جي وڪيل پاران موقف اختيار ڪيو ويو ته نئين دهلي ۾ ڪلڀوشن ڪيس ۾ وڪيل مقرر ڪرڻ جي سلسلي ۾ اجلاس هلندڙ آهن، ڀارتي ڪميشن چوي ٿي ته جڏهن اسان تيار هئاسين ته لاڳاپيل دستاويز نه ڏنا ويا. چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ رمارڪس ڏنا ته هي عدالت چاهي ٿي ته انصاف جي عالمي عدالت واري تناظر ۾ شفاف ٽرائل جون گهرجون پوريون ٿين، ڪلڀوشن ڪيس ۾ انصاف جي عالمي عدالت جي هر فيصلي تي هر صورت ۾ عمل ٿيندو، جنهن کانپوءِ  اسلام آباد هاءِڪورٽ ڀارت کي ڪلڀوشن جو وڪيل مقرر ڪرڻ لاءِ 14 جنوري تائين جي مهلت ڏئي ڇڏي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو