212

ڪامياب جلسي سان ثابت ٿيو ته سياسي ڪارڪن لٺين، گولين ۽ جيل کان ناهن ڊڄندا: آصف زرداري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو چوڻ آهي ته ملڪ کي لڳل مرض جو علاج ميثاق جمهوريت تي عمل ڪرڻ آهي. آصف زرداري پاڪستان پيپلز پارٽي جي يومِ تاسيس ۾ پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽين جي اڳواڻن پاران شرڪت ڪرڻ تي ٿورا مڃيندي چيو آهي ته سمورين سياسي پارٽين جي ڪارڪنن کي سلام پيش ڪريان ٿو، ثابت ٿي ويو ته سياسي ڪارڪن لٺين، گولين ۽ جيل کان ناهن ڊڄندا. آصف علي زرداري جو وڌيڪ چوڻ هو ته اطمينان جوڳي ڳالهه آهي ته جمهوريت جو جهنڊو نوجوانن سنڀالي ورتو آهي، پارليامينٽ جي بالادستي، آئين جي حڪمراني ۽ جدوجهد ڪامياب ٿيندي، ملڪ کي لڳل مرض جو علاج ميثاق جمهوريت تي عمل ڪرڻ آهي، جمهوريت ۽ سياسي پارٽين کي ڪمزور ڪرڻ سان قومي يڪجهتي متاثر ٿيندي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو