224

ڪپتان بابر اعظم تي الزام لڳائڻ واري عورت ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ عدالت پهچي وئي

لاهور ( ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم تي شادي جي لالچ ڏيڻ سوڌو ٻيا الزام هڻڻ واري عورت ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ عدالت پهچي وئي آهي، بابر اعظم سان 11 ورهين کان تعلق هجڻ وارو الزام هڻندڙ عورت حاميزه لاهور جي  نصيرآباد ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائڻ جي درخواست ڏني هئي، جنهن کان پوءِ عورت ايڊيشنل سيشن جج لاهور جي عدالت ۾ به درخواست داخل ڪرائي آهي. عدالت درخواست گذار عورت حاميزه جي درخواست تي نصيرآباد ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي نوٽيس جاري ڪندي تفصيلي طلب ڪري ورتي آهي، حاميزه مختيار درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته بابراعظم هن سان شادي جو وعدو ڪيو هو، پر هاڻي هو انڪار ڪري رهيو آهي، بابر اعظم شادي جو آسرو ڏنو هو، ان ڪري عدالت ان خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ لاهور جي رهواسڻ عويرت حاميزه پريس ڪانفرنس ڪندي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم تي الزام لڳايا هئا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو