236

ڪامياب جلسي تي مبارڪون، حڪومت سان ڪنهن به قسم جي ڳالهين لاءِ تيار ناهيون: مولانا فضل الرحمان

ملتان (ويب ڊيسڪ) جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جو چوڻ آهي ته حڪومت سان ڪنهن به قسم جي ڳالهين لاءِ تيار ناهيون. ملتان ۾ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته ڪامياب جلسي تي يوسف رضا گيلاني کي مبارڪ پيش ڪريان ٿو، يوسف رضا گيلاني جا پٽ پوليس گردي جو نشانو بڻيا، اسان جون نظرون هاڻي لاهور جي جلسي تي هونديون، 8 ڊسمبر تي اسلام آباد ۾ پي ڊي ايم جو سربراهي اجلاس ٿيندو، جنهن ۾ ايندڙ حڪمت عملي جوڙي ويندي. هن چيو ته ملتان جي عوام سليڪٽيڊ کي رد ڪري ڇڏيو آهي، عوام جي معاملن کان حڪومت لاتعلق ٿي وئي آهي، مستقبل ۾ ضرورت پئي ته پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تان اهم فيصلا ڪيا ويندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو