ملتان (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جو چوڻ آهي ته جلسو روڪڻ لاءِ ڪارڪنن کي جيل ۾ وڌو ويو، پنهنجي ٻارن جي به قرباني ڏني، ڪامياب جلسي تي پي ڊي ايم اڳواڻن ۽ عوام کي مبارڪ پيش ڪريان ٿو. ملتان ۾ مولانا فضل الرحمان سان گڏجي صحافين سان ڳالهائيندي يوسف رضا گيلاني جو چوڻ هو ته پي ڊي ايم اڳواڻن جو ٿورائتو آهيان جو انهن ملتان ۾ جلسو ڪوٺائڻ جو موقعو ڏنو، ملتان جلسو پيپلز پارٽي جي يومِ تاسيس سان منسوب ڪيو ويو، جلسو روڪڻ لاءِ پي ڊي ايم جي ڪارڪنن کي جيل ۾ وڌو ويو، ريلي ڪڍڻ تي علي موسيٰ گيلاني کي گرفتار ڪيو ويو، هي سمجهن ٿا ته ڪورونا وائرس رڳو پي ڊي ايم جي جلسن ۾ آهي. يوسف رضا گيلاني چيو ته ملتان ۾ جلسي جي ڪاميابي پي ڊي ايم جي سمورن اڳواڻن جي محنت جو نتيجو آهي، هڪ هفتي کان ٻڌڇوڙ هلي رهي هئي، ايئن ته آمريت ۾ به نه ٿيو، ايتري وٺ پڪڙ کانپوءِ به حڪومت چوي ٿي ته هي جلسو نه پر جلسي هئي، هميشه تنقيد ٿيندي آهي ته اڳواڻ ٻين جي ٻارن کي ڍال بڻائين ٿا پر پنهنجا ٻارڙا نه ٿا ڪڍن، ملتان ۾ آصفه ڀٽو زرداري سان گڏ منهنجا ٻار به هئا، جڏهن ته لاهور واري جلسي ۾ پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به شريڪ ٿيندو.
255