گوئٽي مالا سٽي (ويب ڊيسڪ) گوئٽي مالا جي صدر الجينڊرو گيامتي جي استعيفيٰ لاءِ سڄي ملڪ ۾ مظاهرن جو سلسلو جاري آهي ۽ حڪومت مخالف مظاهرن دوران هزارين شهرين اهم شاهراهه بلاڪ ڪري ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري مطابق اپوزيشن گذريل هفتي ڪانگريس تي تڪراري بجيٽ واپس وٺڻ لاءِ دٻاءُ وڌايو ۽ دعويٰ ڪئي ته اها بجيٽ صحت ۽ تعليم جي شعبن جي ابتڙ خانگي ڪاروباري مفادن کي نظر ۾ رکندي ٺاهي وئي آهي. اپوزيشن وڌيڪ چيو ته بجيٽ ۾ ملڪ جي غريب طبقي کي ڪو ريليف ناهي ڏنو ويو جيڪو ملڪي آبادي جو 60 سيڪڙو آهي.
249